دادو (رپورٽر) تعليم کاتي جي صوبائي وزير پاران آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن تي ڇولا وڪرو ڪرڻ جي صلاح ڏيڻ کانپوء دادو ۾ آء بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن راشد شاهاڻي ، اياز علي شيخ ، رضا احمد کهرو ۽ زبير احمد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ڇلن جو ريڙها ۽ ڇلن جا ٿالھ هٿن ۾ کڻي انوکو احتجاج ڪيو آهي ، آء بي اي ٽيسٽ پاس اميدوار وٺو ڇولا ، گريجوئيٽ پاس اميدوارن کان ڇولا وٺو ، پي ايس ٽي ، جي ايس ٽي ڇولا وٺو جي زوردار نعري بازي ڪندا رهيا ۽ ٽيسٽ پاس اميدوارن پريس ڪلب آڏو ڪچهري روڊ ، نيو چوڪ ۽ سئنيما چوڪ تائين وڏي واڪي هوڪا ڏيندا ڇولا وڪڻيا ، آء بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته صوبائي وزير سردار احمد شاھ 40 کان 45 پرسنٽ مارڪون کڻي ٽيسٽ پاس ڪندڙ گريجوئيٽ نوجوانن کي ڇولا وڪڻڻ جي ٽوڪ ڪري سڄي سنڌ جي گريجوئيٽ نوجوانن جي تذليل ڪئي آهي ، پر صوبائي وزير سنڌ جي نوجوان اهو ٻڌائي ته صدر پاڪستان جي نوابشاھ ضلع ۽ پنهنجي عمر ڪوٽ ۾ 33 پرسنٽ مارڪون کڻندڙن کي ڪهڙي قانون ۽ فارمولي تحت آڊر ڏنا آهن .