سردار شاهه آبپاشي، اقبال ميمڻ تعليم، عاطف گهرو، شيرين ناريجو ايڪسائيز سيڪريٽري بڻائڻ جي سفارش!

0
105
سردار شاهه آبپاشي، اقبال ميمڻ تعليم، عاطف گهرو، شيرين ناريجو ايڪسائيز سيڪريٽري بڻائڻ جي سفارش!
سردار شاهه آبپاشي، اقبال ميمڻ تعليم، عاطف گهرو، شيرين ناريجو ايڪسائيز سيڪريٽري بڻائڻ جي سفارش!

ڪراچي(رپورٽ:شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ سيڪريٽرين، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڪمشنرن سميت اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ سيڪشن آفيسرن جون وڏي پئماني تي بدلين ۽ مقررين لاءِ 80 کان وڌيڪ ڪامورن جي پهرين مرحلي ۾ لسٽ تيار، پهرين مرحلي ۾ سيڪريٽري، ڊي جي، ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جون بدليون ۽ مقرريون ٿينديون، چيف سيڪريٽري جي سفارش تي سروسز کاتي جي اختيارين پارن فهرست حتمي منظوري لاءِ اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي وئي، اليڪشن ڪميشن جي منظوري بعد ٻن مرحلن ۾ 300 کان وڌيڪ بدليون ۽ مقرريون ڪيون وينديون، ان حوالي سان سروسز کاتي جي اختيارين پاران چيف سيڪريٽري جي منظوري کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيل لسٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته  ڪراچي جي ڪمشنر اقبال ميمڻ کي بدلي ڪري اسڪول ايجوڪيشن کاتي جو سيڪريٽري، عاطف رحمان کي گهرو سيڪريٽري، صدف انيس کي سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن ۽ سردار علي شاهه کي سيڪريٽري آبپاشي مقرر ڪيو وڃي، آغا واصف کي وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري واري خالي پيل عهدي تي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بلال احمد کي گورنر هائوس جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، مڪاني ادارن واري سيڪريٽري نجم شاهه کي بدلي ڪري صحت واري سيڪريٽري طور مقرر ڪرڻ ۽ شيرين ناريجو کي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري سليم راجپوت کي بدلي ڪري کيس ڪمشنر ڪراچي واري عهدي تي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، طاهر حسين کي ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويندو، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل شڪيل مڱڻيجو کي پي اينڊ ڊي چيئرمين بڻائڻ، زاهد عباسي کي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، ڪاظم جتوئي کي سيڪريٽري فنانس، منظور شيخ کي مڪاني ادارن واري کاتي ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، شهاب قمر کي سيڪريٽري عملدرآمد، فياض عباسي کي سيڪريٽري توانائي، نديم ابڙو کي سيڪريٽري خوراڪ، عمرفاروق بُلو کي سيڪريٽري هيومن سيٽلمينٽ، اسد ضامن کي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ، نور احمد سمون کي سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ، اسد الله ابڙو کي ميمبر لينڊ يوٽيلائيزيشن، نسيم الغني سهتو کي ڊي جي ايم ڊي اي، جلال الدين مهر کي ڊي جي ٿرڪول، لاڙڪاڻي جي ڪمشنر گھنور لغاري کي بدلي ڪري ڊي جي ڪچي آبادي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل اسحاق کهڙو کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، دانش سعيد کي بورڊ آف روينيو ۾ ميمبر جوڊيشل، نجب الدين سهتو کي سيڪريٽري وائلڊ لائيف ۽ فاريسٽ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ناڻي کاتي جي سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو کي بدلي ڪري سوشل ويلفيئر ۾ سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي،