سردار سليم جان مزاري جي ترجمان شاهه غلام جي گرفتاري ظاهر

0
284
سردار سليم جان مزاري جي ترجمان شاهه غلام جي گرفتاري ظاهر
سردار سليم جان مزاري جي ترجمان شاهه غلام جي گرفتاري ظاهر

بخشاپور جي مياڻي پوليس سردار سليم جان مزاري ۽ مزاري هائوس جي ترجمان شاهه غلام عرف جاڙو ملڪ جي ڪلاشن ڪوف ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي

گذريل ڏينهن جاڙو خان ملڪ کي گڊو ٿاڻي جي حد مان حراست ۾ وٺڻ بعد اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو هو

مياڻي پوليس جاڙو ملڪ جي گرفتاري ظاهر ڪندي چيو آهي ته جوابدار وٽان بنا لائسنس واري ڪلاشن ڪوف ۽ 10 گوليون هٿ آيون آهن

پوليس موجب جوابدار کي گشت دوران بخشاپور بڊاڻي لنڪ روڊ تان گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته اي ايس آءِ لال محمد چاچڙ جي مدعيت ۾ جوابدار خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي

 ان کان اڳ مزاري هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ جاڙي خان جي گرفتاري وارن اطلاعن جي ترديد ڪئي وئي هئي