ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار ۽ گلوڪار دلجيت دوسانجهه چيو آهي ته کيس بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪا به خواهش ناهي. هڪ تازو انٽرويو ءَ ۾ دلجيت دوسانجهه پنهنجي موسيقي سان محبت ۽ فلمي انڊسٽري بابت خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ”مون کي ڪا به خواهش ناهي ته مان بالي ووڊ ۾ ڪم ڪري وڏو اداڪار بڻجان، مان موسيقي سان تمام گهڻي محبت ڪريان ٿو ۽ موسيقي بنا ڪنهن جي مرضي جي به ڪري سگهان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ”پنجاب ۾ جيڪو به فنڪار آهي، اُهو پنهنجا گانا پاڻ تيار ڪري ٿو، اِها وڏي آزادي آهي ۽ ڪو به اسان کي ميوزڪ ٺاهڻ کان نٿو روڪي سگهي. جيستائين منهنجي دل چاهيندي، مان موسيقي ٺاهيندس، بالي ووڊ ۾ ڪم ملي يا نه ملي، مون کي ڪو فرق نٿو پوي، واضح رهي ته دلجيت دوسانجهه پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر سان گڏ فلم”سردار جي ٿري “ مُک ڪردار نڀايو آهي، جنهن کي ڀارت ۾ هندو انتهاپسندن طرفان سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو ۽ فلم جي بائيڪاٽ بابت ملڪ گير مهم جاري آهي.