جوهي (ن پ ا) سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر، پيرن، سردارن ۽ جاگيردارن جي پيداوار آھي پوليس ٿاڻا پاٿاريون آھن پ پ پ پنهنجي دور ۾ هٿ وٺي سردارن پيرن ۽ جاگيردارن معرفت ڌاڙيل پاليا جن سنڌي ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي۔ جيڪڏھن سنڌ مان سرداري ۽ جاگيرداري نظام ختم ڪجي ته ڌاڙيل پاڻمرادو ختم ٿي ويندا اهڙو اظهار عوامي پورهيت تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊوڪيٽ جي اين کوسو جوهي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته جوهي، ڪاڇي، دادو ضلعي جي ٽٽل روڊ رستن جي بحالي ۾ وڏيرا رڪاوٽ بڻيل آھن هو ماڻھن جي اچ وڃ ۽ هڪ ٻئي سان رابطن کان خوفزده آهن. هن چيو ته جلد جوهي ڪاڇي جي ٽٽل روڊن رستن پيئڻ جي پاڻي زرعي پاڻي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ويندي. عوامي پورهيت تحريڪ جوهي واسين سان علائقي جي مسئلن جي حل لاءِ گڏ آھي. هن چيو ته علائقي جي ترقي مختلف اسڪيمن لاءِ آيل اربين رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث ذميوارن خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي جلد احتجاجي مارچ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.