پاڻ الائي ڪٿي بيٺا آهيون. صديون پوئتي. جڏهن ته دُنيا سائبر ٽيڪنالاجي وار (جنگ) ۾ داخل ٿي وئي آهي. لبنان جي اسرائيل مخالف ايران نواز شيعه تنظيم حزب اللہ کي ڪجهه ئي مهينا اڳ پروڙ پئي ته اسرائيل پاران حزب اللہ جي ڪمانڊرن ۽ گوريلن مٿان ٽارگيٽ حملن جو سبب اينڊرائيڊ موبائيل فون آهي. جنهن ذريعي لوڪيشن جي معلومات وٺي حملا ڪيا پيا وڃن.
حزب اللہ پنهنجي ماڻهن کي موبائيل فون جي استعمال کان پري رهڻ جو حڪم ڏنو، ايستائين جو ڪِي پيڊ موبائيل به حزب الله سان لاڳاپيل ماڻهن جي لاءِ ممنوع هئي. موبائيل-فون جي جڳهه تي پيجر کي استعمال ۾ آندو ويو. اسان وٽ پاڪستان ۾ نوي واري ڏهاڪي ۾ پيجر جو استعمال وافر مقدار ۾ ٿيندو هو، بعد ۾ موبائيل اچڻ کان پوءِ پيجر ناپيد ٿي ويو.
پيجر ذريعي اوهان ٽيڪسٽ ميسيج وصول ڪري يا موڪلي سگهو ٿا. پيجر جو انٽرنيٽ سان نه اچي نه وڃي. پيجر جو سڌو تعلق وائرليس سسٽم سان آهي .
ٻه ڏينهن پهرين لبنان ۾ هڪ ئي وقت هزارين پيجرن ۾ ڌماڪا ٿيڻ شروع ٿيا. اوائلي رپورٽ ۾ ٽن ماڻهن جي مارجڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي پر هاڻي چيو وڃي پيو ته، اُنهن جو تعداد ڏهن کان گهڻو آهي. لڳ ڀڳ هزار ماڻهو زخمي آهن، جن جو تعلق حزب اللہ جي گوريلا ونگ سان آهي.
پيجر جي هڪ ڪلاڪ تائين ٿيندڙ ڌماڪن ۾ هڪ ايران جي سفارتڪار جي به مارجي وڃڻ جا ميڊيا تي چوٻول آهن. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته، ايراني سفارتڪار زنده آهي، ان جي اک ضايع ٿي آهي وَاللهُ اَعلَم…..
بهرحال حزب اللہ دعويٰ ڪئي آهي ته، اُنهن جو اڳواڻ حسن نصراللہ پيجر حملن کان محفوظ آهي. پاڻ اڳ به ڏٺو ته ايران ۾ فلسطيني اڳواڻ اسماعيل هانيه کي تهران ۾ پاسدارانِ انقلاب فورس جي انتهائي محفوظ ٺڪاڻي ۾ بم ڌماڪي ۾ قتل ڪيو ويو ھو. ايران جي اختيارين اڃان تائين ان قتل جي جاچ رپورٽ پڌري ناهي ڪئي. البته عالمي ميڊيا تي ٻڌايو ويو ته، ايران حڪومت پاسدارانِ انقلاب فورس جي ڪجهه اهم اڳواڻن کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا شروع ڪئي آهي.
ايران پلاند جو اعلان ڪيو پر پلاند نه ٿيو، پيجر ڌماڪن کان پوءِ حزب الله اختيارين اسرائيل کان جيئن ئي وڏي واڪي پلاند جو اعلان ڪيو ته ٺيڪ هڪ ڏينهن پوءِ واڪي ٽاڪي ڌماڪا ڪيا ويا.
حزب اللہ تازو پيجر جي کيپ تائيوان کان گُهرائي هئي. پيجر ٺاهڻ واري ان ڪمپني “گولڊ اوپولو” ۾ ڪل ملازم چاليھ آهن. ٻن ڏينهن کان عالمي ميڊيا تائيوان ۾ پيجر ٺاهڻ واري ڪمپنيءَ جي آفيس تي فوڪس ڪريو بيٺي آهي پر ڪمپنيءَ جو چوڻ آهي ته، حزب اللہ کي پيجر هنگري جي ڪمپني “BAC” وڪرو ڪيا آهن، جنهن وٽ بهرحال “گولڊ اوپولو” ڪمپنيءَ جو لائسنس موجوده آهي.
ڪجهه سائبر ماهر چون ٿا ته، پيجر ۾ نقلي پرزي جي شڪل ۾ فوجي نوعيت جو انتهائي خطرناڪ بارود ڏھ کان ويهه گرام نسب ڪيو ويو هو.
جنهن سبب خاص ميسيج جاري ڪري هڪ ئي وقت هزارين پيجرن ۾ ڌماڪا ڪيا ويا. ان حملي جي طريقي کي “سپلائي چين حملو” چيو وڃي ٿو. ان قسم جي حملي لاءِ لازمي طور پيجر کي ڪنهن فيڪٽريءَ ۾ کولي ان ۾ بارود ڀريو ويو هوندو.
اسرائيل جي خفيه ايجنسي “موساد” تي تحقيقي ڪتاب لکندڙ “يوسي ميلمين” جو چوڻ آهي ته، اها ڪارروائي موساد ئي ڪري سگهي ٿي. موساد جنهن وقت چاهي حزب اللہ تائين رسائي ڪرڻ جي اهل آهي. دنيا پيجر جي ڌماڪن واري ٽيڪنالاجيءَ بابت اڃان سوچي رهي هئي ته ٻئي ڏينهن لبنان ۾ واڪي ٽاڪي ۾ ڌماڪا ٿيا.
واڪي ٽاڪي کي دنيا ۾ اڪثر سيڪيورٽي ادارا استعمال ڪن ٿا، ڇاڪاڻ واڪي ٽاڪي کي محفوظ سمجهيو وڃي ٿو. پوليس، اسپتالن، بينڪن ۽ ايمبولينس سروس ۾ به واڪي ٽاڪي جو تمام گهڻو استعمال ٿئي ٿو. لبنان ۾ واڪي ٽاڪي جپان جي ڪمپني (icom) جي ٺهيل استعمال ڪئي وڃي ٿي. چيو وڃي ٿو ڪجهه وقت پهرين ان ڪمپني واڪي ٽاڪي ٺاهڻ بند ڪري ڇڏيا آهن. لبنان ۾ جيئن ته سيڪيورٽي حزب اللہ جي آهي، ان ڪري واڪي ٽاڪي ڌماڪن سبب جاني نقصان حزب الله کي ئي رسيو آهي.
اسرائيل جنهن طريقي سان سائبر ٽيڪنالاجيءَ کي جنگ لاءِ استعمال ڪرڻ لڳو آهي، لڳي ائين ٿو ته ايران ۽ ان جون اتحادي فلسطين ۾ حماس ۽ لبنان ۾ حزب اللہ جو برو حشر ٿيڻ وارو آهي.
خود ايران به نشاني هيٺ آهي، جتي ڪروڙين ماڻهو اينڊرائيڊ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ جو استعمال ڪن ٿا.
هتي اهو چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته، مسلمانن جي اڪثريت سائنس مخالف ۽ معجزن جي شوقين آهي. عرب سڳورا وري تيل جي جھجھي ملڪيت اچڻ کان پوءِ لگزري لائيف ۽ عياشين جي ڪرت ۾ مصروف آهن. ان دوران اسرائيل زرعي ۽ ميڊيڪل سائنس کان وٺي سائبر ٽيڪنالاجي وار ۾ جيڪا مهارت حاصل ڪئي آهي، اها في الحال زير ڪرڻ جهڙي نٿي لڳي.
ايران، حزب اللہ ۽ حماس معجزن جي ڀلي انتظار ۾ هجن ۽ پيا اسرائيل کي ڀڀڪيون ڏين پر سچ اهو آهي ته، پيجر ۽ واڪي ٽاڪي ڌماڪا اسرائيل پاران سائبر جنگ جو شروعاتي ۽ ننڍڙو ٽريلر آهي. اڳيان اڃان ڪافي شيون نروار ٿيڻيون آهن.
ان ٽيڪنالاجيءَ جا انهن خطن ۽ تنطيمن تي به اثر پوڻا آهن، جتي آزاديءَ لاءِ گوريلا وار ڦير ٿي رهي آهي. رابطي ڪار جا ٽول جڏهن استعمال جوڳا ئي نه رهندا ته ڪيئن ممڪن آهي ته گوريلا جنگ ڪندڙن جي وچ ۾ مضبوط رابطا برقرار رهن. نائن اليون واقعي کان آمريڪا دُنيا ۾ ڊرون ٽيڪنالاجيءَ کي متعارف ڪرايو، پاڪستان ۽ افغانستان ۾ طالبان ڪارندا انهن ڊرون حملن جا شڪار رهيا، انهن حملن ۾ گهڻو تڻو آمريڪا جيڪب آباد جو شهباز ايئر بيس استعمال ڪيو هو پر آمريڪي ڊرون ٽيڪنالاجيءَ کان به ٻه وکون اڳتي اچي اسرائيل سائبر ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي آهي. جيڪا سڄي دنيا لاءِ خطري جي گهنٽي آهي.
هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته، ڇا پاڻ سڀ محفوظ آهيون، جن ماڻهن جي هٿن ۾ انٽرنيٽ سان سلهاڙيل موبائيل فون آهي؟