اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايندڙ بجيٽ ۾ عورتن لاءِ سٺي خبر. ايندڙ بجيٽ ۾ ميڪ اپ جي سامان تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ عورتن لاءِ ميڪ اپ جي سامان تي ٽيڪس گهٽائڻ جا امڪان آهي. مالي سال 2025-26ع جي بجيٽ ۾ 7000 کان وڌيڪ امپورٽ ٿيل شين تي ڊيوٽي ۽ ٽيڪس ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) امپورٽ ٿيل شين تي ريگوليٽري ڊيوٽي گهٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ست هزار کان وڌيڪ امپورٽيڊ شين ۾ پرزا، خام مال، ضروري آلات، ۽ روزمره جي استعمال جون شيون شامل آهن. ذريعن موجب ميڪ اپ جي شين تي 2 کان 5 سيڪڙو تائين امپورٽ ڊيوٽي گهٽائي ٿي سگهي ٿي. سرخي، پائوڊر، آئي لائنر، مسڪاري، ميڪ اپ ڪِٽ، فيس فائوڊر سميت ٻي ميڪ اپ جي سامان تي 2 کان 5 سيڪڙو گهٽتائي ٿيڻ جا امڪان آهن. اهڙي طرح وار سڌا ڪرڻ وارا امپورٽڊ اسٽيٽنر، وار گهنگهرو ڪرڻ واري سامان، لپ گيلوس، فيس شائنر، اپ بيس ڪريم، پرفيوم، باڊي اسپري، امپورٽيڊ پرس، چشمي، اکين لاءِ ميڪ اپ جي امپورٽيڊ سامان، لوشن، ڪريمز، ڏندن جي خوبصورتي وڌائڻ لاءِ سامان، نقلي وار، هيئر ڪلرز، هيئر لوشن، ڪريم، هيئر ريمونگ ڪريم، جوتن، ڪپڙن، بيلٽس، شيونگ جي سامان، فيس واش، فيشل ڪريم، بريف ڪيس، سفري بيگ ۽ امپورٽيڊ هينڊ بيگ تي به 2 کان 5 سيڪڙو تائين گهٽائي ٿي سگهي ٿي.