سرحد (رپورٽ: حاڪم ابڙو) سرحد ڀرسان ڪچي جي علائقي ۾ ڀاءُ ۽ ڀائيٽي هٿان ڳوٺاڻو قتل، جوابدارن لاش گم ڪري ڇڏيو، پوليس لاش هٿ ڪرڻ ۾ ناڪام، خبرموجب آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ڪچي جي علائقي ڳوٺ نورمحمد شر ۾ ڀاءُ ۽ ڀائيٽي گڏجي ڳوٺاڻي سڄڻ شر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو،  ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو اڻبڻت تان ڀاءُ حيدر ۽ ڀائيٽي علي حسن شر سڄڻ شر کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش گم ڪري ڇڏيو، رابطو ڪرڻ تي آندل سندراڻي پوليس جو چوڻ هو ته ڳوٺاڻي جي قتل واري واقعي جي جاچ ڪيون پيا، لاش ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، مڙهه ملڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.