سرحد (ن پ ا) سانگهڙ واسي 18 ورهين جو نوجوان حبدار علي لغاري درگاهه جهانپور شريف وٽان 6 ڏينهن کان  پراسرار نموني لاپتا ٿي ويو، ان سلسلي ۾ گم ٿيل نوجوان جي والد فقير شير محمد لغاري سرحد پريس ڪلب پهچي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته پٽ حبدار علي لغاري درگاهه جهانپور شريف تي زيارت لاءِ آيل هو، جيڪو 6 ڏينهن کان لاپتا آھي، هن خدشو ظاهر ڪندي چيو آھي ته کيس شڪ آھي ته پٽ کي اغوا ڪيو ويو آھي، پُٽ جي ڳولها ۾ مدد ڪئي وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي جهانپور پوليس جو چوڻ هو ته نوجوان جي گمشدگي جو اطلاع ملڻ بعد سندس جي ڳولها شروع ڪري ڏني آھي.