سرحد(ن پ ا) سرحد ويجهو هڪ ڏينهن اڳ گم ٿيل جهانپور واسي ڳوٺاڻي جو انور شاهه سفاري ٻيلي مان سسي وڍيل لاش هٿ، علائقي ۾ هراس، پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، خبرموجب جهانپور شريف مان 2 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل ڳوٺاڻي محمد بخش ابڙو جو انور شاهه سفاري پارڪ ٻيلي مان سسي وڍيل لاش هٿ آيو، علائقي واسين ٻيلي ۾ لاش ڏسي سرحد پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو، وارثن جو چوڻ هو ته محمد بخش ابڙو هڪ ڏينهن اڳ گهر لاءِ ڪاٺيون ڪرڻ جهنگ طرف ويو هو ته واپس نه وريو، جنهن جي گهڻي ڳولا ڪئي هئي پر ڪو به پتو نه پئجي سگهيو، سندس سسي وڍيل لاش هٿ آيو آھي، هوڏانهن واقعي جي جاچ ۾ سرحد پوليس لکڻ برادري جي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آھي، پوليس جو چوڻ آهي ته محمد بخش واري واقعي جي جاچ ۾ هڪ ڄڻو گرفتار ڪيو آھي جنهن کان پچاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.