سرحد (ن پ ا) سرحد ويجهو ڪچي جي علائقي ڇھو بلاڪ نانگ واھ ۾ پوليس ۽ رينجرز پاران ڏوهارين خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو، جنهن دوران ڌاڙيل آزاد سندراڻي، جِندو سندراڻي، جهرو ماڇي، جيئند سندراڻي، سبحان سندراڻي، لالو سندراڻي، گورو سندراڻي، بخت سندراڻي، ۽ ٻين جي ٿاڪن تي چڙهائي ڪري باهيون ڏنيون ويون، جڏهن ته پنجن کان وڌيڪ مشڪوڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته آپريشن دوران ڊاڪٽر علي حسن مهر جو ڦر ٿيل ٽريڪٽر هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ ڏوهاري جو جعلي پوليس رضاڪار جو ڪارڊ پڻ مليو آهي.