سرحد(ن پ ا) سرحد ويجهو قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، پيءُ ڌيءُ فوت، ماءُ زخمي، خبر موجب قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ديهه چنگل مهر واسي ميهار سومرو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس 22 ورهين جي ڌيءُ افروز ۽ گهرواري زخمي ٿي پيا، ناري افروز کي اسپتال نيو پئي ويو ته هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ميهار سومرو جي گهرواري کي مقامي ماڻهن فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، فوتي پيءُ ڌيءُ جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، هواڏنهن حادثي کانپوءِ ٽرالر جو ڊرائيور گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو.