سرحد (ن پ ا) سرحد مان 3 هفتا اڳ اغوا ٿيل واپاري گهر پهچي ويو، واپاري جي بازيابي ڪچي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي وڃڻ بعد ٿي، خبرموجب ٽي هفتا اڳ سرحد مان ڪچي طرف ويندي مبينا طور اغوا ٿي ويل واپاري اشرف شاهه گهر پهچي ويو آھي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي واپاري جو چوڻ هو ته وارثن پاران ڪچي ۾ پاڪ ڪتاب گهمائڻ تي کيس ڇڏيو ويو آھي، واپاري جي گهر پهچڻ تي وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.