ڪاروڪاريءَ واري ڪُڌي رسم نه ڄاڻ ته ڪيترين نارين لاءِ ناسُور بڻجي ويئي آھي. ان رسم جي پاڙ پٽڻ لاءِ نوجوان نسل کي اڳتي اچڻو پوندو. ان نام نهاد دقيانوسي روايت جي خلاف جهاد ڪرڻو پوندو، تڏھن وڃي سنڌ جي عورت ڪو سُکَ جو ساھ کڻي سگهندي. اهڙي ماحول ۾ ساھ مُنجهي ٿو. آخرڪار اسان جا ماڻهو ان ڪُوڙي غيرت جي اَنا مان ڪڏھن جان آجي ڪرائي سگهندا. هن سماج کان فقط هڪڙو ئي سوال آھي ته ڇا عورت کي جيئڻ جو ڪو حق ناهي؟ ڇا عورت مرد جي ملڪيت آھي؟ عورت، جيڪا بِنهه معصوم آھي. عورت جيڪا ماءُ به آھي ته زال به آھي. ڀيڻ به آھي ته ڌِيءَ به آھي. عورت، جنهن جي ڪُک مان هر ماڻهو جنم وٺي هن دُنيا ۾ اچي ٿو. عورت، جنهن جي پيرن هيٺيان جنت آھي. اُن جنت کي سنڌ ۾ ائين بيدرديءَ سان اُجاڙيو وڃي ٿو. اهو تمام وڏو دُکدائڪ عمل آھي.
بربريت ته ڏسو ڏينهن توڻي رات، هتي توڻي هُتي، سردي توڻي گرمي، ماضيءَ توڻي حال سنڌُ جي عورت هر هنڌ هر وقت ڀوڳي ٿي. ڀٽائيءَ جي سُورميءَ سان هر صديءَ ۾ ستم جاري آھي:
سرجِيس تان سُور، سامائِي تان سُک ويا،
اھي ٻئي پُور، مُون نماڻيءَ نصيب ٿيا،
سنڌياڻي جتي روز ڪاروڪاريءَ واري ڪُڌي رسم ۾ بي درديءَ سان ماري وڃي ٿي، اُتي جسم جي بُکين بگهڙن هٿان پڻ درد ڀوڳي ٿي. سنڌياڻيءَ جا دُشمن پنهنجا ئي هوندا آھن. هُوءَ ڌارين هٿان ايتري ڌڪارجي نٿي، جيتري پنهنجن پاپين جي پاپ نگر جو نشانو بڻجي ٿي. ڪُجهه وقت اڳ ۾ ڀان سعيد آباد ۾ آءِ بي اي پاس اُستاد نورعين فاطما کي سندس گهر ۾ ئي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو هو، جيڪو انتهائي افسوس ناڪ ۽ انڌوناڪ واقعو هو، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اوتري گهٽ آھي. هِي ڪو نئون واقعو نه هو جو ماڻهوءَ کي حيرت ٿئي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تاريخ اهڙن هولناڪ وارداتن سان ڀري پيئي آھي.
ڪڏھن مونيڪا جي عصمت لوئي وڃي ٿي ته ڪڏھن بُشريٰ جي بي حرمتي ڪئي وڃي ٿي! ڪڏھن تانيا جي عصمت تار تار ڪئي وڃي ٿي ته ڪڏھن سنگيتا سان ساڳيو ظلم ٿئي ٿو. تازو ضلعي مٽياريءَ جي ڳوٺ بکر جمالي، جي نياڻي افشان، جيڪا پيشيوراڻي طور 17 هين گريڊ ۾ اُستاد هُئي، سبجيڪٽ اسپيشلسٽ هُئي، سندس پيدائش ڪراچيءَ ۾ ٿي ۽ پوءِ ڳچ عرصو دُبئي ۾ پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ رهي بعد ۾ سندس مرضيءَ مُطابق شادي وري ڳوٺ ۾ پنھنجي رشتيدارن ۾ ڪيائين، کيس اولاد ۾ ٽي ٻار ھُئا. ٻه پُٽ ۽ ھڪڙي نياڻي ٿي، تازو ئي سندس زندگيءَ جو ڏيئو ڏاڍي بيدرديءَ سان گُل ڪيو ويو، اُھو به سندس پسنديده مُڙس جي ھٿان، جنھن مڙس کي سندس پيءُ ڪروڙين روپيا روڪڙا ڏنا، ھڪڙي جي ايل آءِ ڪرولا ڪار ڏني ۽ ڳوٺ ۾ گهر به ٺهرائي ڏيڻ کان وٺي سندس مُڪمل خرچ به هن جو پيءُ ڏيندو رھيو پر پوءِ به نياڻيءَ کي پسٽل جون ٻه گوليون ھڻي ماريو ويو. ڪيڏو نه انڌوناڪ ظُلم آھي. آخرڪار ڪيستائين سنڌ جي عورت اھڙي بربريت ڀوڳيندي رهندي. آخر ڪڏھن سنڌ جي عورت کي آزادي ملندي جو هُوءَ پنهنجي من سان جي سگهندي. پنهنجي مرضيءَ سان ساھ کڻي سگهندي. هن سماج ۾ سنڌ جي عورت جو جيئڻ جو جنجال ڪيو ويو آھي. اهڙي بي درد سماج ۾ سنڌ جي عورت جو ساھ گُهٽجي رهيو آھي.