ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نيب طرفان شاهد پيش، دستاويزات گزيٽ بڪ جي صورت ۾ پيش ڪرڻ تي عدالت پاران حيرانگي جو اظهار، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ريفرنس جا اصل دستاويز طلب ڪري ورتا، ڪالهه ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻو اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا، ان موقعي تي نيب طرفان ايف بي آر جو شاھد پيش ڪيو ويو، نيب طرفان دستاويز گزيٽ بڪ جي صورت ۾ پيش ڪيا ويا، عدالت حيرت جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته چئن سالن کانپوءِ دستاويز گزيٽ جي صورت ۾ جمع ڪرائڻ ۾ ايترو وقت ڇو لڳايو ويو؟ ان موقعي تي عدالت ٻه تصديق ٿيل دستاويز پيش ڪرڻ تي شاهد کان پڇاڻو ڪيو ته انهن تي ڪنهن جون صحيحون ٿيل آهن، جنهن تي شاهد ٻڌايو ته ايف بي آر، اليڪشن ڪميشن ۽ نيب آفيسرن جون صحيحون ٿيل آهن، جوابدارن جي وڪيلن گزيٽ ۾دستاويزي ثبوت پيش ڪرڻ تي اعتراض ڪيو، عدالت جوابدارن جي وڪيلن کي دليل ڏيڻ وقت اعتراض اٿارڻ جي ھدايت ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 19 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني جو چوڻ هو ته وزارت ۽ اسپيڪر شپ نه ملڻ پارٽي جو فيصلو آھي، جيڪا پارٽي فيصلو ڪندي ان کي قبول ڪرڻو پوندو آھي.