گهٽ ۾ گهٽ مان هن ڳالهه تي يقين رکان ٿو ته سرائڪي وسيب جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ وارا قومپرست اڳواڻ، ڪارڪن، دانشور، اديب ۽ شاعر ڪافي تعداد ۾ موجود آهن، پر جنهن قسم جي سگهاري آواز ۽ ڪرشماتي اڳواڻي جي ضرورت آهي، اها اسان سرائڪين وٽ موجود ناهي. ٻن درجنن کان وڌيڪ قومپرست سياسي پارٽيون آهن، پر انهن مان معروف رڳو ٽي چار ئي آهن. سرائڪي پارٽي اندروني اختلافن سبب تازو ئي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي. ايس ڊي پي آهي، سرائڪستان قومي ڪائونسل، سرائڪستان قومي اتحاد ۽ سرائڪي نيشنل پارٽي، سرائڪي پارٽي جا ٻئي ڌڙا متحرڪ آهن. ايس ڊي پي فراز نون جي اڳواڻي ۾ پنهنجون سرگرميون جاري رکيو اچي. ظهور احمد ڌاريجو جي سرائڪستان قومي ڪائونسل، وسيب لاءِ آواز اٿارڻ جو ڪو به موقعو هٿان وڃڻ نٿي ڏئي. ايس ڪيو ايم حميد اصغر شاهين جي وفات کان پوءِ ڪهڙي حالت ۾ آهي، ان بابت تحرير نويس کي خبر ناهي. انهن کان سواءِ به قومپرست پارٽيون موجود آهن، پر اهي رڳو هڪ ٻن ماڻهن يا هڪ گروپ جو قومپرست تعارف آهن، بس. عبيد خواجه، آمريڪا ۾ رهائش پذير هجڻ باوجود، تمام گهڻو سرگرم آهي. بئريسٽر تاج محمد لنگاهه جي وفات کان پوءِ سرائڪي قومپرست سياست جو جيڪو حال ٿيو، اهو سڀ ڄاڻن ٿا سواءِ اسان سرائڪين جي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ سرائڪي صوبي ۽ قومي سڃاڻپ جا حامي ان جا ڪارڪن، سرائڪي تحريڪ کي “جهمرين جو ٽولو” قرار ڏئي دلپشوري ڪندا آهن، جڏهن ته قومپرست به اٿندي ويهندي پي پي پي تي چٿرون ڪندا رهن ٿا.
قومپرستن جي وڏي حلقي 2013ع، 2018ع ۽ 2024ع جي چونڊن ۾ مقامي انتظامن جي نالي تي تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏنا. انهن مان گهڻا پي ٽي آءِ جي دور اقتدار ۾ ان کان صوبي جي واعدي بابت پڇڻ بدران پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ڀرپور گاريون ڏيندا رهيا. ڪجهه قومپرست، جيڪي پي پي پي کي سرائڪي وسيب جي تحريڪ “هائيجيڪ” ڪرڻ جو طعنو ڏيندي پنهنجو کاڌو هضم ڪندا هئا ۽ آهن، اهي ئي پي پي پي تي موروثي سياست جون چٿرون ڪندا آهن. پر هاڻ اهي ساڳيا ماڻهو سوشل ميڊيا تي مير مرتضى ڀٽو جي پٽ، ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر کي، ڀُٽي (ذوالفقار علي ڀٽو) جي سياست جو وارث ثابت ڪرڻ لاءِ دليلن جا انبار لڳائيندي نظر اچن ٿا.
مسلم ليگ (ن) سرائڪي صوبي جي بدران بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب جي نالي سان ٻن صوبن جي حمايت ڪري ٿي. ٻن صوبن جي قرارداد به ان ئي 2012ع ۾ پنجاب اسيمبلي مان منظور ڪرائي هئي. تحريڪ انصاف 2018ع جي چونڊن کان اڳ آستانه عاليه آبپاره شريف جي “چائلڊ بيبي” يعني “ڏکڻ پنجاب صوبو محاذ” کي پنهنجي ٽرڪ تي سوار ڪرائيندي وقت ‘اشٽام پيپر’ تي جيڪو معاهدو ڪيو هو، ان ۾ لکيل هو ته جيڪڏهن اقتدار مليو ته 100 ڏينهن اندر صوبي قائم ڪرڻ جو روڊ ميپ ڏنو ويندو. ظلم اهو ٿيو جو 2018ع جي چونڊ مهم دوران تحريڪ انصاف ۽ ان جي حمايت ڪندڙ قومپرستن سرائڪي وسيب جي ماڻهن سان غلط بياني ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف جي اقتدار ۾ اچڻ سان 100 ڏينهن اندر سرائڪي صوبو قائم ٿي ويندو. آخر اهو ڪوڙ جو وکر ڇو وڪرو ڪيو ويو؟ جڏهن به ڪوڙ ڳالهائيندڙ قومپرستن ۽ پي ٽي آءِ وارن کان سوال پڇيو وڃي ٿو ته انهن جي نرڙ تي گهنج پئجي وڃن ٿا. ڪيترائي قومپرست مون جهڙي طالب علم تي ناراض ٿي، مون کي پي پي پي جو منشي ۽ پگهاردار قرار ڏين ٿا. جڏهن مان اهو عرض ڪندو آهيان ته، پهريون اهو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ اڍائي ٽن سالن کانپوءِ جيڪا ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ٺاهي وئي هئي، اها به مسلم ليگ (ن) جي ٻن صوبن واري قرارداد جو اولڙو هو. ملتان ۽ بهاولپور ۾ شروعات کان ئي ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ورهائي وئي هئي، ۽ عثمان بزدار پنهنجي حڪومت جي آخري مهينن ۾ ان مان ڪجهه حصو ڊي جي خان منتقل ڪرايو هو. ان مان ئي پي ٽي آءِ جي ‘سنجيدگي’ ظاهر ٿئي ٿي. عثمان بزدار ذهني ۽ نسلي طور تي سرائڪي وسيب ۽ سرائڪي صوبي جو مخالف هو. سندس مرحوم والد هڪ کان وڌيڪ ڀيرا تونسه کي بلوچستان جو حصو بڻائڻ لاءِ نه رڳو ميڙاڪا منعقد ڪرايا هئا، پر هڪ ڀيري جلوس به ڪڍرايو هو. مان عرض ڪري رهيو هوس ته سرائڪي تحريڪ، بئريسٽر تاج محمد لنگاهه بعد، هڪ سگهاري ۽ ڪرشماتي شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي. مان ذاتي طور تي قومي تحريڪ کي طبقاتي تحريڪ نٿو سمجهان. قومي تحريڪ ۽ طبقاتي تحريڪ جا مقصد هڪ ٻئي کان مختلف هوندا آهن. ان جي باوجود مان پنهنجن انهن دوستن سان متفق ناهيان، جيڪي چون ٿا ته جيستائين وسيب جا وڏا خاندان هن تحريڪ ۾ شامل نٿا ٿين، تيستائين صوبي جي تحريڪ ۾ ساهه نه پوندو.
منهنجو سوال هي آهي ته ڇا سرائڪي عوام انهن پيرن، ميرن، مخدومن ۽ جاگيردارن جي قدمبوسي ڪندي، انهن جي خدمت ۾ درخواست پيش ڪري ته، “سائين، مخدوم، سردار صاحب، اچو اسان جي اڳواڻي ڪريو، صوبو قائم ٿي ويندو ته وزارتون اوهان جي اولاد جو حق هونديون ۽ اسان رعايا وانگر تابعداري ڪنداسين؟” ٻي ڳالهه جيڪا مان اڍائي ٽن ڏهاڪن کان وسيب زادن ۽ دوستن جي خدمت ۾ عرض ڪندو پيو اچان، اها هي آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ وفاق پرست سياسي جماعت آهي. سرائڪي صوبي جي قيام لاءِ جيترو ڪجهه اها ڪري سگهي ٿي، ڪري چڪي آهي، اها حمايت ته ڪندي رهندي، پر وڪيل وانگر اسان جو مقدمو وڙهي نه سگهندي. ڇو ته ان جون پنهنجون سياسي ۽ علائقائي مجبوريون به آهن ۽ ضرورتون به. سرائڪي قومي تحريڪ کي پنهنجو رستو پاڻ ٺاهڻو ۽ ۽ پنهنجو وزن پاڻ کڻڻو پوندو. اهي ٻه ڪم رڳو تڏهن ممڪن ٿيندا، جڏهن اسان پهرين اهو سمجهي وٺنداسين ته قومپرست تحريڪ ذهني ۽ فڪري طور تي ترقي پسندن ۽ لبرل خيالن وارن طبقن جي ويجهو هوندي آهي، انتهاپسند ملائيت جي هرگز نه. ترقي پسند ۽ لبرل طبقا قومي سڃاڻپ کي تسليم ڪن ٿا، جڏهن ته هند ۽ پاڪستان جو اسلام مقامي قومي سڃاڻپ جو انڪاري آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو ڪاروبار مسلم قوميت جي بنياد تي هلي ٿو. مذهبي ڪاروباري طبقو اهو سمجهڻ لاءِ تيار ئي ناهي ته امت قومن جي ڪنفيدريشن هوندي آهي، بذات خود ڪا قوم ناهي.
بهرحال، اڄ جي حالتن ۾ سرائڪي قومپرستن کي سنجيدگي سان، چوڌاريءَ بدلجندڙ منظرنامي، وسيب ۾ اسان کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ آزمائجندڙ هٿڪنڊن، زمينن جي مقامي بي زمين آبادگارن بدران سول ۽ ملٽري اشرافيا جي اڳوڻن ملازمن ۽ هاڻ فارمرز ڪمپنين کي الاٽمينٽ، وفاق ۽ صوبي جي نوڪرين ۽ ٻين وسيلن مان سرائڪي وسيب کي جائز حصو نه ملڻ سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن بابت سوچڻو پوندو ته انهن کي ڪيئن منهن ڏجي. مان ان ڳالهه کي اڀاڳ ئي سمجهان ٿو ته اسان وٽ (سرائڪي وسيب ۾) نه ته ڪو وسيب جي پاڙيسري قومن ۽ وسيب اندر ٻين نسلي اڪائين سان ڳالهائڻ جي ضرورت کي سمجهڻ لاءِ تيار آهي، نه ئي پاڙيسري قومن جي روين ۽ سلوڪ جو تجزيو ڪرڻ لاءِ آماده آهي.
اسان وٽ اهو سمجهيو وڃي ٿو ته صوبو اڄ ٺهندو سڀاڻي، پر ائين ناهي. اسان سرائڪي اهڙي حالت ۾ آهيون جو هڪ ايس ايچ او جي بدلي ڪرائڻ جي به سگهه نٿا رکون، وڌيڪ ته ڇا چوان، صوبائي اسيمبلي جي هڪ سيٽ کٽڻ جي به سگهه ناهي. قومي تحريڪ کي جنهن طريقي سان سرگرم ۽ وسيب جو چهرو بڻجڻ گهرجي، اها ائين ناهي. اسان قومي تحريڪ جي گهرجن کي سمجهڻ لاءِ ئي تيار ناهيون، جڏهن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قومي تحريڪ جي مدد ڪندڙ ادارا قائم ڪجن. وسيب سان تعلق رکندڙ زرعي، معاشي، طبي، تعليمي ۽ ٻين شعبن جي ماهرن کان علاوه ٻين شعبن جون شخصيتون قومي شعور سان گڏ وسيب جي ٿيندڙ استحصال کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته قومپرست پاڻ هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ ۽ گڏجي هلڻ سکن.