ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشوري ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ بيگناھه قتل ٿيل معصوم نياڻي سدره ڌي شاهنواز نوحاڻي جي گهر ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر پهچي تعزيت ڪئي، ملڪ اسد سڪندر معصوم سدره جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي پڪ ڏيارائي ته هو جلد آءِ جي سنڌ سان رابطو ڪري اعليٰ سطحي جاچ ڪاميٽي جوڙي، قاتلن جي گرفتاري لاءِ سڀئي ممڪن ڪوششون وٺندو. ان موقعي تي ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين سهيل احمد شورو، فقير داد کوسو، سليم برفت، امداد مگسي پڻ ساڻس گڏ موجود هئا. نوحاڻي برادري جي معززن حاجي گل حسن نوحاڻي، حاجي غلام اڪبر نوحاڻي، عبدالرحمان نوحاڻي، حاجي الله ڏنو نوحاڻي، مير مرتضيٰ نوحاڻي ۽ ٻين ملڪ اسد سڪندر کي واقعي بابت تفصيل سان آگاهي ڏني، متاثر خاندان سان همدردي جو اظهار ڪندي ملڪ اسد سڪندر چيو ته معصوم سدره جي ناحق وڇوڙي تي هن کي گهرو ڏک ٿيو آهي ۽ قاتلن کي جلد قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.