سيوھڻ(رپورٽ: اشرف عطا ) جڳ مشهور عظيم صوفي بزرگ حضرت لعل شھباز قلندر جي 773 ھين عرس مبارڪ جون تقريبون ڪالهه شروع ٿي ويون آهن. گذريل ڏينهن پهرين ڌمال تي وقتي گورنر سنڌ سيد اويس قادر شاهه سيوھڻ پھچي قلندر لعل شھباز جي مزار تي چادر چاڙھي باقاعده ميلي جي تقريبن جو آغاز ڪيو جڏھن ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين عقيدت مند سيوھڻ پھچي ويا آهن، جنهن ڪري شھر جون رونقون وڌي ويون آهن. زائرين ۾ خاص ڪري پنجاب صوبي جي مختلف ضلعن جا زائرين شامل آھن جيڪي شھر جي ھر گھٽي ۽ رستن تي دھل شرنائين سان قلندري ڌمالن تي رقص ڪندي ۽ ڊگھيون چادرون کڻي دمادم مست قلندر جي نعرن جي گونجار سان مزار تي پھچي حاضري ڀري پنھنجي عقيدتمندي جو اظھار ڪري رھيا آهن. ٻئي طرف درگاهه قلندر جي سجادا نشين سيد ولي محمد شاهه پاران پنهنجي رھائشگاھه تان درگاهه قلندر تي جلوس جي صورت ۾ ميندي آڻڻ جي رسم ادا ڪئي وئي وئي جنهن صوفي فنڪارن ۽ فقراء ۽ معززين جي وڏي انگ شرڪت ڪري قلندري ڌمال تي رقص ڪيو. جڏهن ته اوقاف کاتي پاران قلندر جي درگاھه کي رنگين بلبن سان سينگاريو ويو آهي جڏھن ته زائرين پاران شھر اندر کير شربت ۽ فلٽر واري پاڻي جون سبيلون ۽ نگر نياز پڻ تقسيم ڪرڻ وارو سلسلو ميلي جا ٽئي ڏينهن جاري رھندو. ٻئي طرف ميلي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا آٓهن جنهن ۾ 5000 پوليس اھلڪار، 300 رينجرز ۽ حساس ادارن جا اھلڪار ۽ جوان ميلي جي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رھيا آهن ۽ قلندرجي عرس مبارڪ ۾ عوام جي چرپر تي نظر رکڻ لاءِ درگاهه قلندر اندر 200 ۽ شھر جي مختلف روڊن ۽ چوڪن تي 300 کان وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳايون ويون ۽ ڪيميرائن کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميا پاران سيوھڻ جيمخانا گرائونڊ جي ھال ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته شھباز ميلا ڪاميٽي ۽ ميونسپل انتظاميا پاران پانڌيئڙن لاءِ پيئڻ جي پاڻي ۽ صفائي جا انتظام ڪيا ويا آھن. قلندر جي ميلي جي ٻي ڌمال تي ادبي ڪانفرنس ۽ آخري ڌمال تي شھباز آڊيٽوريم ۾ راڳ رنگ جي محفل سجائي ويندي ۽ شھباز ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا. ميلي ۾ صوبائي وزير اوقاف سيد رياض حسين شاھ شيرازي، صوبائي سيڪريٽري صبغت الله مھر، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري ۽ ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق چانگا پڻ موجود هئا. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري قائم مقام گورنر سنڌ کي يادگار شيلڊ پيش ڪئي .وقتي گورنر سنڌ غريب ۽ مستحق عورتن ۾ ڪپڙا تقسيم ڪيا.
ميلي ۾ شاهينگن جي ٻيگهي متل: سوين زائرين جا کيسا ڪٽجي ويا
سيوھڻ: لعل شھباز قلندر جي عرس مبارڪ ۾ جيب ڪترن جا ٽولا لٿل آھن موبائلون کيسا ڪٽجڻ روز جو معمول بڻيل ۽ زائرين جا مٿي تي ھٿ اچي ويا ۽ پوليس انتظاميه تي ڳڻتي ظاھر ڪندي گوجرانولا کان آيل چوڌري نواز، لاھور جي پرويز بٽ، شيخوپوره جي سڪندر ۽ ٻين متاثرين چيو ته جيب ڪترن اسان جا کيسا لال شھباز قلندر جي مزار ۾ ڪٽي ڇڏيا آھن جڏھن ته سيوھڻ جي ميلي ۾ ايتري پوليس مقرر ھوندي به اسان محفوظ ناھيون. ھنن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽس وٺي جيب ڪترن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
قلندر جي ميلي ۾ لوڪ موسيقي، سگھڙ ڪچهري، هنرن جي نمائش
سيوھڻ: حضرت قلندر لال شهباز قلندر جي 773 هين عرس مبارڪ جي پهرين ڏينهن تي ثقافت کاتي پاران سيوهڻ لائبريري ۾ ڊائريڪٽر جنرل ثقافت سنڌ منور علي مھيسر جي اڳواڻي ۾ لوڪ موسيقي، سگھڙ ڪچهري، هٿ جي هنر جي نمائش ۽ ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويا آهن. ان موقعي تي مقررين پنھنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌي لوڪ ادب ۾ سگھڙ هڪ اهم صنف آهي، جيڪا سنڌ جي ثقافتي ۽ ادبي ورثي جو هڪ وڏو حصو آهي. سگھڙ جو لفظي مطلب آهي سياڻو، سيبتو، ڄاڻو، ۽ پارکو ۽ هي صنف عام ماڻهن جي زندگي، جذبن، ۽ تجربن کي سادگيءَ سان بيان ڪري ٿي. سگھڙن جو ڪلام زباني روايتن ذريعي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندو آهي ۽ سنڌي سماج جي ڏاهپ ۽ سوچ جو عڪس پيش ڪري ٿو . هن چيو ته سگھڙ پنهنجي آسپاس جي سماجي ۽ فطري منظرن کي پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪري ٿو. هن جو ڪلام سماج جي حقيقتن ۽ مسئلن کي اجاگر ڪري ٿو سگھڙن جون ڪچهريون ۽ ڪلام سنڌي سماج جي سوچ ۽ ڏاهپ جو عڪس پيش ڪن ٿا. سگهڙ ڪچهري دوران سنڌ جي ناليوارن سگھڙن عجب گل ڀٽي، عبدالغني جلباڻي، عبدالرشيد مري، رجب سولنگي، منظور سيرلو، مير چنا، ادريس جمالي، غلام محمد سنجراڻي، منير قمبراڻي کان علاوه ٻين سگھڙن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. سگهڙ ڪچهري دوران لوڪ محفل موسيقي جو اهتمام پڻ ڪيو ويو هو جنهن ۾ سنڌ جي لوڪ فنڪارن پاران فن جو مظاهرو ڪندي خوب داد وصول ڪيو. ان موقعي تي سنڌي هٿ جي هنر سان تيار مختلف ناياب شين جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آهن. نمائش ۾ اجرڪ، سڳيون، ٺڪر جا ٿانون، ڀرٿ، رلي جا مختلف قسم ۽ هٿ جي هنر جي مختلف قسمن جو ٻيون شيون رکيون ويون آهن. جڏهن ته مطالعي جي رجحان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ثقافت کاتي پاران جڳ مشهور ليکڪن پاران تحرير ڪيل مختلف موضوعن تي لکيل ڪتابن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آهن. ان موقعي تي ثقافت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سليم سولنگي ٻڌايو ته هي پروگرام عرس مبارڪ جا ٽئي ڏينهن جاري رهندو.
قلندر جي پانڌيئڙن لاءِ شھر جي مختلف ھنڌن تي مفت 9 طبي ڪئمپون قائم ڪيون
سيوڻ: لعل شھباز قلندر عرس مبارڪ ۾ سيد عبدالله شاهه انسيٽيٽوٽ ۽ پي پي ايچ آئي پاران قلندر جي پانڌيئڙن لاءِ شھر جي مختلف ھنڌن تي مفت 9 طبي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آھن جتي 24 ڪلاڪ عملو ۽ ڊاڪٽر موجود ھوندا جيڪي ميلي جا ٽئي ڏھاڙا جاري رھنديون.
پنجاب جي وزيرن کي چوان ٿو ته پنهنجي صوبي تي ڌيان ڏين: وقتي گورنر
سيوھڻ: قلندر لعل جي ميلي جي افتتاح بعد مزار جي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وقتي گورنر اويس قادر شاهه چيو ته ملڪ ۽ قوم ۽ سنڌ، اولياءِ ڪرام جي ڌرتي آهي، ان لاء ۽ ملڪ لاءِ دعاگو آهيان. هن چيو ته سنڌ صوبو ترقي ڪندو ته سڄو ملڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته گذريل ٽي ڏينهن کان صوبائي وزير اوقاف سيد رياض حسين شاھه شيرازي عرس مبارڪ جي انتظامن جو جائزو وٺي رهيو آهي. هن ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري ۽ ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق چانگا جي عرس مبارڪ دوران بهترين انتظام ڪرڻ سندن جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي. هن چيو ته اميد آهي ته عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن وارا پروگرام خير ۽ خوبي سان پنهنجي پڄاڻي تي پهچندا جڏهن ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال پانڌيئڙن جو تعداد وڌيڪ آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪراچي ۾ ڊمپر جي حادثن تي گھرو وزير جو بيان اچي چڪو آهي ۽ ان لاءِ حڪومت طرفان هدايتون به جاري ڪيون ويون آهن ته ڳريون گاڏيون رات جي وقت ڪراچي ۾ داخل ٿين. جڏهن ته ٽرانسپورٽ جي وزير شرجيل انعام ميمڻ به گاڏين جي انسپيڪشن جون هدايتون ڏئي چڪو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته پنجاب جي وزيرن کي چوان ٿو ته پنهنجي صوبي تي ڌيان ڏين، پهريان اتي لوڪل گورنمينٽ جا اليڪشن ته ڪرايو. هڪ سوال تي هن چيو ته ڇهه ڪينالن جي منصوبي تي چيئرمين صاحب جو واضح بيان اچي چڪو آهي. اويس قادر شاھ وزيراعظم پاڪستان کي گذارش ڪئي ته آئين مطابق 90 ڏينهن ۾ سي سي آءِ جي ميٽنگ منعقد ٿيڻي آهي، مهرباني ڪري جلدي اجلاس طلب ڪيو وڃي. قائم مقام گورنر اويس قادر شاھ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هن هفتي اندر چيئرمين اين ايچ اي کي لکندس ته اسيمبلي ۾ اچي بريف ڪري ته سکر حيدرآباد انڊس هاءِ وي ڇو نه ٺهي رهيو آهي. هن کي اهو جواب ڏيڻو پوندو ته ڇا سبب آهي جو هتي منصوبا دير جو شڪار آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت هر سطح تي عوامي مسئلن لاءِ آواز بلند ڪري رهي آهي.