اسلام آباد : پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ گرفتار 80 اڳواڻن جي خط جي حمايت ڪئي وئي، اسلام آباد ۾ اجلاس دوران عامر ڊوگر پاران 80 اڳواڻن جو خط پارٽي آڏو پيش ڪيو، ذريعن موجب علي محمد خان، زرتاج گُل ۽ ٻين اڳواڻن پاران سخت پاليسي بدران ڳالهين جو دڳ وٺڻ تي زور ڏنو، علي محمد خان چيو ته اسٽبلشمينٽ ۽ سياسي قيادت سان ڳالهيون ڪري باني کي آزاد ڪرايو وڃي، اسلام آباد اچڻ بدران سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيا وڃن، پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا کي محدود ڪري رڳو باني جي آزادي تائين استعمال ڪرڻ گهرجي، بئريسٽر گوهر فيصلا ۽ باني سان صلاح مشورا ڪري، ذريعن موجب زرتاج گُل ڪجهه پارٽي اڳواڻن تي تنقيد ڪندي چيو ته هاڻوڪي حڪومت وڌيڪ سگهاري ٿي وئي آهي، اهڙي حڪمت جوڙڻ گهرجي جو ڪاميابي ملي سگهي، پي ٽي آءِ پاران ضلعي ۽ تعلقه سطح تي احتجاج ڪيا وڃن.