اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف رمضان جي مهيني دوران سحري ۽ افطاري وقت گيس جي فراهمي ۾ عوام کي پيش ايندڙ تڪليفن جو نوٽيس وٺندي فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وزيراعظم انهي حوالي سان رات دير سان هنگامي اجلاس ڪيو جنهن ۾ سوئي ڪمپنين جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ سينئر انتظاميه سان سحري ۽ افطاري ۾ گيس جي فراهمي جي مسئلن تي تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. انهي کان علاوه گيس ڊسٽريبيوشن مرڪز جي آخري سرن تي واقع علائقن ۾ سحري ۽ افطاري وقت 30 کان 45 منٽ اڳ ئي گيس جي فراهمي شروع ڪئي ويندي جنهن سان انهن علائقن ۾ گيس جي پريشر ۾ بهتري ايندي. سوئي سدرن گيس ڪمپني گيس جي ورهاست جي نظام جي نگراني لاءِ هيڊ آفيس ۽ ريجنل آفيس ۾ ڪنٽرول رومز ٺاهڻ جو اعلان به ڪيو آهي جيڪي روزاني جي بنياد تي گيس جي فراهمي جو جائزو وٺندا. ڪمپني جي ترجمان چيو آهي ته گيس جي گهٽ پريشر جي شڪايتن کي هنگامي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، سوئي ناردرن گيس جي ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته وزيراعظم جي هدايتن تي فوري ايڪشن کڻندي سحري ۽ افطاري جي وقت گيس جي فراهمي هر صورت ۾ يقيني بڻائي ويندي. شهري ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ 1199 تي رابطو ڪن.