ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ سج سوا نيزي تي لهي آيو: نوابشاهه ۾ پارو 47 ڊگرين تي پهتو، موسميات کاتي موجب لاڙڪاڻي ۾ گرمي پد 45، سکر ۾44.5، حيدرآباد ۾ 45.9، ميرپورخاص ۾ 43.5 ڪراچي ۾ 39، ٺٽي ۾ 40، بدين ۾ 41.3، ٿرپارڪر ۽ خيرپور ۾ 45، دادو ۾46.5 ۽ جيڪب آباد ۾ 43.5 ڊگري رهيو.