سج جي تپش ۽ چنڊ جي چانڊوڪي جهڙو سائين جي ايم سيد

0
147
سج جي تپش ۽ چنڊ جي چانڊوڪي جهڙو سائين جي ايم سيد

سياست ننڍي کنڊ ۾ انگريز سامراج جي خلاف جڏهن شروع ٿي ته انهي جا قدر اصول ۽ اخلاقيات جا ضابطا تمام بلند هيا. اختلاف راءِ سياست جو حسن هيو ۽ ڪردار سياستدان جو ڏاج. سياست جي اندر جن به انهي دور ۾ پنهنجي اخلاقن ۽ اصولن کان منهن ڦيريو اهي سماج جي اندر پنهنجو ڪو وزن پيدا نه ڪري سگهيا. انهي دور جي سياست جي فڪري گهرائي ۽ ڪردار جي بلندي تي جن فردن رسائي حاصل ڪئي انهن ۾ سائين جي ايم سيد پوري ننڍي کنڊ جي سياستدانن ۾ هڪ بلند مقام رکي ٿو. سائين جي ايم سيد پنهنجي دور جو اهو گوتم هو جنهن خانداني منصب جي خوشحالي ۽ وقت جي تخت کي پٺي ڏئي اڪثريت جي اهنج جي خاتمي، عوامي خوشحالي ڏک کي ڏيهان نيڪالي ڏيڻ لاءِ پنهنجي جيون کي ڏکن ڏاکڙن ۾ وجهي ڇڏيو. سرجيس تان سور جو سفر سندس جنم کان شروع ٿيو، پر جواني جا ڏينهن مارن جي محبت ۾ پاڻ چونڊي کنيائين. جڏهن مير پير سيد ۽ سرڪاري خوشامدڙيا انگريز سرڪار جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي توڙي انفرادي غيرت کان آجا ٿي وطن فروشي ڪندا رهيا تڏهن سيد سن ۾ خلافت ڪانفرنس ڪوٺائڻ کان وٺي ڪراچي لوڪل بورڊ جي چيئرمني تائين  سرڪار جي جي حضوري ڪرڻ جي بجاءِ عوام جي خوشحالي ۽ وطن جي آزادي جي راه ورتي. صدين جي غلامي جي سفر ۾ گهاريندڙ سنڌي قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ آزادي جو خواب ڏسندڙ سائين جي ايم سيد کي اهو سمجهه ۾ اچي ويو ته قومن جي تباهي جو سبب انهن جي ڪردار عمل ۽ اهليت جي پسپائي جي ڪري هوندو آهي تنهن ڪري جيڪڏهن سنڌي قوم کي سجاڳ ڪرڻو آهي ته انهن کي قومي ڪردار به ڏيڻا آهن ته انهن کي سنڌ جي ساڃاه به ڏيڻي آهي ۽ اهو اتساھ به ڏيڻو آهي ته ڪا به قوم ننڍي ۽ هيڻي ڪونه ٿيندي آهي، پر جڏهن قوم ۾ قومي غيرت بيدار ٿيندي آهي ته وقت جي فرعون سان به اهي جهيڙي وجهنديون آهن ۽ انهي سڀ ڪرڻ جي لاءِ جڏهن قومون لالچ ۽ خوف جو دڳ ڇڏي لطيف جي لات وانگر ننگيون ٿي نڪرنديون ته انهن جي آڏو ايندڙ روه به رتيون ٿي پوندا آهن.

جڏهن سنڌ جي اڪثريت، صاحبِ حيثيت سياسيت جي ميدان ۾ مسند تي ويٺلن ۽ بااثر ماڻهو، قومي غيرت کان آجا هجن تڏهن سائين جي ايم سيد پنهنجي فڪر جي ڦرهي نئين نسل جي ڪچي پٽي تي اهڙي ته اڪيري ڇڏي آهي جو جيئن جيئن وقت جي تپش وڌندي ٿي رهي تئين تئين انهي ڦرهي تي لکيل ريٽالفظ نئين سج نئون نياپو کڻي سنڌ جو آواز بڻجي،هر جبر ۽ ڏاڍ جي آڏو ڪر کڻي بيهي ٿا رهن.سائين جي ايم سيد لطيف جي سرن مان جيڪو وطن جي حب ۽ مارن جي محبت جو سبق حاصل ڪيو انهي کي پيغام سنڌ سمجهي نئين نسل جي لاءِ نئين انداز ۾ جهڙي طرح پيش ڪيو اهو ايندڙ صدين تائين سنڌ جي صدا بڻجي گونجندو رهندو. وقت جي حاڪمن کي اڄ به اهو اصول پرستي صاف ڪردار ۽ سچائي وارو سياسي ڪردار نه ٿو گهرجي انهن کي گهرجن ٿا ذهن ۽ ضمير کان خالي وطن فروش ڪردار جن کي پنهنجي بوٽ جي نوڪ تي رکي هلائي سگهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ملڪ جي اندر نه ادارا مضبوط آهن نه ملڪ جي معيشت. سائين جي ايم سيد سياست کي عبادت سمجهي خلق خدا جي ڀلائي ، بهبود ۽ ترقي لاءِ هڪ جديد ذريعو ٿي سجمهيو جنهن کي سياسي ميدان کان ٻاهر ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي،  پر ساڳئي دور ۾ سياست جي برطانوي راڄ واري روايتن تي هلندڙ جن ڪردارن سياست کي ذاتي حاڪميت، سندي ۽ سندن نسلن جي حرام خوري وسيلي ترقي جو رستو ٿي سمجهيو انهن جي لاءِ هر قسم جا رستا کولي ڇڏيا. حق ۽ سچ جي ڳالھ ڪرڻ سياست ۾ اختلاف راءِ رکڻ ۽ پنهنجي وطن سان محبت ڪرڻ جي عمل واري سياست کي شجرِ ممنوعا سمجهي پابنديون مڙهيون ويون ۽ جن به اهو حق سچ چوڻ جي جرئت ڪئي انهن کي غدار سڏيو ويو. غدار جا سرٽيفيڪيٽ ورهائڻ واري فئڪٽري جي انهن سرٽيفيڪيٽن تي هاڻي انهن جا پنهنجا نالاجڏهن لکجڻ شروع ٿيا آهن تڏهن سڀني کي سمجهه ۾ اچڻ لڳو آهي ته هن ملڪ ۾ غدار ڪير آهي ۽ محب وطن ڪير.

سائين جي ايم سيد چاهيو ٿي فردن جي بجاءِ هن ملڪ جي اندر سياسي ادارا مضبوط هجن، سياست وطن جي محبت ۽ عوام جي خوشحالي جي لاءِ هجي رياست جو مذهب سان ڪو تعلق نه هجڻ گهرجي مذهب هر فرد جو انفرادي عمل هجڻ گهرجي، وفاق ۾ شامل صدين کان پنهنجي قومي شناخت رکندڙ قومن جي خودمختيار آزاد حيثيت هجڻ گهرجي، پر هن ملڪ جي اندر مذهب کي ڍال بڻائي، تاريخي قومن جي تشخص کي مٽائي اسلام جي نالي تي هڪ قوم بنائڻ جي جيڪا ڪوشش برپا آهي انهي ملڪ جي حادثاتي طور رکيل بنيادن کي اڃا وڌيڪ کوکلو ڪري رکيو آهي.

سنڌ جو اهو نوجوان نسل جن سائين جي ايم سيد کي ڪڏهن اکين ڪونه ڏٺو اهي اڄ سندس ڪتاب پڙهي ان جي فڪر مان سکي رهيا آهن ته وطن سان محبت ڪئين ڪبي آهي. سندس فڪر سج جي تپش جيئن هر ايندڙ نسل کي هڪ توانائي بخشي ٿو ۽ چنڊ جي روشني بڻجي اونداهي رات ۾ رهنمائي ڪري ٿو. جڏهن قومن جا رهبر انهن جي رهنمائي لاءِ ڪا راه ڏئي ويندا آهن انهي راه تي هڪ نه هڪ ڏينهن هلندي ڪو منزل ماڻي وٺندو آهي. اڄ سنڌ جي صدين جي صدائن کي هڪ آواز ملي ويو آهي، جنهن لطيف جي تنبوري جي تندن کي سيد تپائي ويو آهي انهي تند جي تنوار هڪ ڏينهن جبر ۽ ڏاڍ تي جوڙيل محلن کي جهوري وجهندي. سچ جي راهه اوکي ضرور هجي ٿي پر انهي کي ڪير روڪي نه ٿو سگهي اهو ئي سبب آهي ته اڄ به جيترو انهي آواز جي آڏو رڪاوٽ وڍي وڃي ٿي اهو آواز اڳي کا اڳڀرو ٿي رهيو آهي. هن ملڪ جي واڳ ڌڻين کي اڃا تائين اهو سمجهه ۾ ڪونه اچي رهيو آهي ته سج جي آڏو ڪو عرش نه ٿو اڏي سگهجي جيڪو انهي جي روشني کي ڌرتي تائين پهچڻ کان روڪي سگهي. امن عالم، اتحاد انساني ۽ ترقي بني آدم تي مشتمل سائين جي ايم سيد جو فڪر هڪ اهڙو آفاقي پيغام آهي جنهن کي سنڌ جي آجپي بعد سموري عالم ۾ عام ڪري سگهجي ٿو. شاھ لطيف، علاما آءِ آءِ قاضي ۽ سائين جي ايم سيد جي سوچن مان جنم وٺندڙ انهي پيغام سنڌ کي جيڪڏهن صحي طرح ڪير سمجهي وٺي ته هوند انهي جي آڏو رڪاوٽ بڻجڻ جي بجاءِ انهي کي عام ڪرڻ جو اعلان ڪري. پر افسوس جو هي ابن الوقت بي ايمان ۽ ڪرپٽ حڪمران انهي پيغام کي بنا سمجهڻ جي ذاتي مفاد خاطر انهي آڏو رڪاوٽون وجهندا رهن ٿا. سائين جي ايم سيد جي هوندي انهي جي پنهنجي چر پر تي بندش، سندس تحريرن ۽ تقريرن تي بندش ۽ جڏهن انهي جي عشق ۾ سندس عقيدتمند سن جي سفر تي نڪرن ٿا ته انهن جي محبت جي اظهار لاءِ سن اچڻ تي بندش. هي موجوده حڪمران جنهن خوف ۾ ورتل آهن اهو ڪنهن به طرف ملڪ جي سلامتي استحڪام ۽ معاشي ترقي لاءِ ڪونهي پر سندن قومي غيرت کان آجي اقتدار جي حوس خاطر ۽ عوام جي پئسي تي ڌاڙا هڻڻ جي لاءِ آهي.