حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سجاڳ ٻار تحريڪ ( ڪيو اي ٽي ) جو مرڪزي ڪنوينشن ۽ مرڪزي باڊي جي چونڊ حيدرآباد ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ مرڪزي صدر سرويچ اوٺو، نائب صدر راجيش ڪمار، جنرل سيڪريٽري سلمان رخشاڻي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري اسد پالاري، جوائينٽ سيڪريٽري حسنين خاصخلي، آفيس سيڪريٽري اورنگ زيب ڪنڀار، فناس سيڪريٽري آصف علي درس ۽ ميڊيا سيڪريٽري علي رضا خاصخيلي چونڊيا ويا. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته سياست ۾ جيستائين ٻارن جو ڪردار شامل نه ھوندو ڪاميابيون ممڪن ناھن.پيپلز پارٽي پنهنجي اقتداري دور ۾ سنڌ جي انچ انچ کي نيلام ڪري ڇڏيو آهي گرين پاڪستان ۽ زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. گرين پاڪستان سنڌ جي زمينن جي نيلامي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جي سازش آهي. الطاف خاصخيلي چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي بادشاھت قائم رکڻ جي عيوض سنڌو درياھ، زمينن سميت سنڌ جي وسيلن جو سودو ڪيو آھي ته سنڌ مان جيڪو کپي اھو وٺو بس اسان کي رڳو اقتدار ڏيندا رھو درياءَ تي ڌاڙو ناھي، ھي ڪينال سنڌ جي وجود ۽ بقا تي، سنڌين جي حال ۽ مستقبل تي بدترين حملو آھي. قوم، وطن ۽ وسيلا سدائين اقتدار، پارٽين ۽ فردن کان وڌيڪ اھم ھوندا آھن پنھنجي قوم سان گڏ بيھو ته بھتر ٿيندو. نئون چونڊيل سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر سرويچ اوٺو خطاب ڪندي چيو ته اسين تعليم جي ميدان ۾ پاڻ ملھائي سنڌ ۽ ڌرتي جو نالو روشن ڪنداسين. 7 ھزار کان وڌيڪ اسڪول بند پيل آھن. لکين ٻار تعليم کان محروم آھن. سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو نظام درھم برھم آھي. حڪمرانن جا ٻار وڏن مھانگن اسڪولن يا ٻاھرين ملڪن ۾ پڙھن ٿا. حڪمرانن کي سنڌ جي تعليم جو ڪو به فڪر ناھي. ايس بي ٽي پليٽ فارم تي سنڌ جي ٻارن کي گڏ ڪري پڙھائي سان گڏوگڏ ڌرتي جا به محافظ بڻجنداسين. ڪنوينشن ۾ 26 ضلعن مان ايس بي ٽي نمائندا شريڪ ٿيا، ڪنوينش ان ڳالھ جي گواھي ڏئي ٿو ته اسين سجاڳ آھيون ۽ 22 آگسٽ 2025 تي سنڌ ٻالڪ ميلو سنڌ ميوزم ۾ ملھايو ويندو، جنھن جي صدرات محترم اياز لطيف پليجو صاحب ڪندا، جنھن ۾ سڄي سنڌ جا ٻار شريڪ ٿيندا.