سجاول(رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ ڀرتي لاءِ ايس ٽي ايس ٽيسٽ ڪاميابي سان پاس ڪندڙ ضلعي سجاول جي 247 مرد ۽ عورت اميدوارن کي پوليس ڪانسٽيبل طور آفر آرڊر جاري ڪيا ويا آهن، ان ڏس ۾ گذريل ڏينھن ايس ايس پي سجاول ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو انهن اميدوارن کي آفر آرڊر فراهم ڪيا، نئين ڀرتي ٿيل اهلڪارن کي ضلعي جي سماجي ڌرين پاران واڌايون ڏنيون ويون آهن ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ويو آهي اميد ڪئي پئي وڃي، ته اهي نوجوان ايمانداري، فرض شناسي ۽ حب الوطنيءَ سان پنهنجي ذميوارين کي نڀائيندا.