سجاول(رپورٽر) سجاول ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران مرڪزي صدر وسند ٿري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، ضلعي صدر عزيز ميمڻ، علي محمد پرويز، ساجدہ پرهياڙ، مجيد ساگر پرهياڙ، خالد سمون، ايوب ٻائيتال، عيسيٰ ٻجورو، محمد ڏيٿو، مٺو خان، حسين آزاد ۽ ٻين اڳواڻي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ ان جي اتحادين اسپيشل انويسٽمينٽ فسيلٽيشن ڪائونسل نالي ادارو قائم ڪري آئين ۽ قانون کي عملي طور معطل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو 18هين آئين ترميم جو قتل ۽ “ون يونٽ” جي ٻيهر واپسي آهي، جيڪو جناح جي جمهوري پاڪستان تي حملو آهي، اڳواڻن چيو ته سنڌ جا ماڻھون پنهنجي دريائن، زمينن ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ پرامن جدوجهد جاري رکندا۔ انهن چيو ته 1859ع کان وٺي پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رهي آهي۔ ملڪ جي حڪمرانن سنڌو درياءَ کي ڀرڻ واريون ٽي نديون هندستان کي وڪرو ڪري ڇڏيون، جن ۾ سنڌ جو 50 سيڪڙو حصو هو، ۽ اهو فيصلو سنڌ جي رضامندي کانسواءِ ڪيو ويو، جيڪو غير آئيني ۽ غير قانوني آهي۔ اڳواڻن چيو ته ڇهه نوان ڪئنال ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبي جو حصو آهن، جنهن جي تحت 48 لک ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو پيو وڃي،انهن مطالبو ڪيو ته سنڌ کي 1945ع جي سنڌ- پنجاب پاڻي معاهدي تحت پنهنجو حصو ڏنو وڃي ۽ سنڌ جي قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ بند ڪئي وڃي.