سجاول (رپورٽر) سول اسپتال جي سول سرجن ۽ اسپتال جي عملي ۾ اختلاف وڌڻ لڳا، سول سرجن جي مبينا ڪرپشن ۽ زيادتين خلاف اسپتال جي عملي پاران او پي ڊي بند ڪري احتجاج ڪيو ويو آهي، علاج لاءِ ايندڙ مريضن کي پريشاني کي منھن ڏيڻو پئجي ويو، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ڊاڪٽرز ايسوسيشن پاران سول اسپتال جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري او پي ڊي جي گيٽ اڳيان احتجاجي ڪئمپ لڳائي وئي. احتجاجي ڪئمپ  ۾ويٺل ماڻهن پاران گو سول سرجن گو ۽ سول سرجن ھٽايو اسپتال بچايو جي ڇتي نعري بازي ڪئي وئي. ان موقعي تي پيرا ميڊيڪل اسٽاف سجاول جي اڳواڻن سعيد احمد عمراڻي، فدا لغاري، محبت لغاري، سڪندر لغاري، اقبال ميمڻ ۽ ٻين جو چوڻ ھو  ته سول اسپتال ۾ مقرر سول سرجن ڊاڪٽر دليپ ڪمار اسپتال جي عملي سان زيادتين سميت اسپتال جي انتظامن کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. ھنن چيو  ته ڊاڪٽر دليپ ڪمار جي مقرر ٿيڻ کانپوءِ اسپتال ۾ دوائون اڻلڀ آھن، ان کان علاوه ھن ھلندڙ آپريشن ٿيٽر کي بند ڪري گائيني وارڊ سميت پوري اسپتال کي ريفر سينٽر بڻائي ڇڏيو آھي،  جيڪي مريضن اچن ٿا انھن کي ٺٽو، حيدرآباد ۽ ڪراچي اسپتال ريفر ڪيو وڃي ٿو. ھنن وڏي وزير ، صحت کاتي جي صوبائي وزير سميت سيڪريٽري ھيلٿ ۽ ڊي جي ھيلٿ کان مطالبو ڪيو  ته سول اسپتال سجاول جي ڪرپٽ سي ايس ڊاڪٽر دليپ ڪمار کي فوري طور ھٽائي سندس جاءِ تي ايماندار سول سرجن مقرر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، ٻئي پاسي او پي ڊي بند ھئڻ ڪري پري پري کان ايندڙ مريض مايوسي جو شڪار ٿي واپس روانا ٿي رھيا ھئا،ٻئي پاس سول سرجن ڊاڪٽر دليپ پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو  ته مونکان اڳ اسپتال جي صورتحال انتھائي  خراب ھئي، منھنجي مقرري کانپوءِ اسپتال ۾ وڌ کان وڌ سهولتون موجود آھن. آپريشن ٿيئٽر به  ھلندڙ آھي، مونتي لڳايل سمورا الزام غلط آھن، احتجاج ڪندڙ انسان دشمن آھن، جيڪي پنھنجي مفادن خاطر واويلا ڪري مونکا پنھنجا ناجائز مطالبا مڃرائڻ تي زور ڀري رھيا آهن .