سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ منارڪي ريگيوليٽر جي دروازن کي چتيون لڳائي پراڻا گيٽ لڳايا پيا وڃن، سنڌ حڪومت پاران واهن، ڪينالن، شاخن ۽ ريگيوليٽرن جي مرمت ۽ صفائي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ باوجود سجاول ۾ آبپاشي انجنيئرن پنهنجي انجنيئرنگ هلائيندي پراڻا تباهه ٿيل دروازا تبديل ڪرڻ بدران پرائڻ ئي دروازن کي مرمت ڪرائڻ ويلڊر ريگيوليٽر تي گهرائي ورتا آهن، جن ڀڳل دروازن کي چتيون هڻڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته آبپاشي جي عملي پاران ريگيوليٽر جي ڪپرن تي بيٺل وڻن جي به واڍي شروع ڪئي وئي آهي، جيڪو عمل ماحولياتي آلودگي ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، آپباشي عملي جي اهڙي عمل خلاف آبادگارن جو چوڻ آهي ته پاڻي وهڪرن جو دٻاءُ هي پراڻا دروازا برداشت نه ڪري سگهندا، ان ڪري پراڻا دروازا مرمت ڪرڻ بدران نوان دروازا لڳا وڃن، ان سلسلي ۾ پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي انجنيئر اورنگزيب ميمڻ مڇرجي پيو ۽ موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين، پنهنجي اخبار جي رپورٽر پاران وڻن جي واڍي ۽ دروازن کي لڳندڙ چيتن ۽ مليل بجيٽ بابت سوال پڇڻ تي انجنيئر اورنگ زيب نازيبا رويو اختيار ڪندي کيس چيو ته تون ڪو ايس ايچ او ناهين جو توکي ٻڌايان ته اسان کي ڪيتري بجيٽ ملي آهي يا دروازا نوان ٿا هڻون يا پراڻا اهو اسان جو ادارتي مامرو آهي، هوڏانهن وڻن جي واڍي خلاف ڳوٺاڻن پاران به آبپاشي عملي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هنن ڳوٺاڻن جي به هڪ نه ٻڌي ۽ ڪيترائي قميتي وڻ وڍي ٺيڪيدار معرفت ڪاٺ کي کپايو پيو وڃي.