سجاول(رپورٽر) ايس ٽي پي پاران منشيات ۽ لوڊشيڊنگ خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان ڏس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقي سجاول پاران ضلعي سجاول ۾ وڌندڙ منشيات جي ڪاروبار ۽ بجلي جي اڻ اعلانيل ڊگھي لوڊشيڊنگ خلاف سجاول ۾ مامون لاڏو چوڪ کان ريلي ڪڍي پبلڪ پارڪ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ريلي ۾ ايس ٽي پي ضلعي سجاول جي صدر جمن سنڌي، عبدالغني ملاح، عبدالواحد خاصخيلي، ممتاز لغاري، گل حسن رند، اشرف ٿھيم ۽ ايس ٽي پي ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن سيد جلال شاھ، طارق امر عباسي، راجو قريشي، مقامي عهديدار دادا سنڌي، سڪندر امرو، اعجاز اختر سومرو، غياث نور سومرو ۽ ڪارڪنن سميت وڏي انگ ۾ شھرين شرڪت ڪري منشيات فروشي ۽ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف سخت نعريبازي ڪئي. پبلڪ پارڪ جي سامهون احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي اڳواڻن چيو ته نوجوان نسل شراب، آئس، هيروئن، مائو، انڊين گٽڪو عاداب ۽ سفينا جهڙين خطرناڪ منشيات جي عادي ٿي رهي آهي، جيڪا نه رڳو انهن جي صحت کي تباھ ڪندڙ آهي پر انهن کي ڏوهن ڏانهن بہ ڌڪي رهي آهي. اڳواڻن پوليس تي سخت تنقيد ڪندي چيو تہ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نااهلي سبب منشيات سرعام وڪرو ٿي رهي آهي جڏهن تہ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪا بہ ڪارروائي نہ ٿي رهي آهي. انهن چتاءُ ڏيندي چيو تہ جيڪڏھن منشيات خلاف فوري طور تي قدم نه کنيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ٻئي پاسي مظاهرين سجاول ۾ اڻ اعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ تي به سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. انهن چيو ته سخت گرمي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند رهڻ سبب ماڻهو سخت پريشان آهن، پر حيسڪو اختياريون لاتعلق بڻيل آهن. ايس ٽي پي اڳواڻن اعلان ڪيو تہ جيڪڏهن واپڊا انتظاميا لوڊشيڊنگ تي ضابطو نه آندو ته واپڊا آفيسن جو گهيرو ڪيو ويندو.