سجاول (رپورٽ: رياض ميمڻ) سجاول شھر جي مين سرڪاري پرائمري اسڪول حاجي بھاول خان مگسي اڃا تائين برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھي، جڏهن ته اسڪول جي ڪلاس رومن ۽ گرائونڊ تي پاڻي بيهي وڃڻ ڪري ٻارن جي تعليم متاثر ٿيڻ لڳي، اسڪول جي استادن لطف ميمڻ، عبدالشڪور ملاح، ارشد ميمڻ، جمن زنگيجو ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته بھاول خان مگسي اسڪول ۾ 1100 کان وڌيڪ شاگرد داخل ٿيل آھن جن مان اسڪول جي اڪثر ڪلاس رومن ۾ پاڻي جمع ھجڻ ڪري 350 شاگردن کي ڇت تي ۽ ٻين ٻارن کي ڪجھه ڪلاس رومن ويھاري وڏي تڪليفن کي منھن ڏئي پڙھائي رھيا آھيون، ھنن چيو ته گرمي ۾ ڪلاس ۾ زياده ٻار ھجڻ ڪري حبس سبب چوٿين ڪلاس جي ھڪ نياڻي جي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري ھو بيھوش ٿي وئي، ھنن چيو ته اسڪول ۾ برساتي جمع ٿيڻ جو انتظاميا کي بار بار چيو پر انتظاميا اسڪول مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن چيو ته ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسڪول مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ٻارن جي تعليم خراب ٿيڻ کان بچائي وڃي .