سجاول(رپورٽر) اجتماعي بدفعلي جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي عدالت چار جوابدارن کي 14-14 سال قيد ۽ 10-10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. سجاول جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت پاران گذريل ڏينھن اجتماعي بدفعلي واري سنگين ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو، جنهن تحت جوابدارن ولي الله، سرمد ميمڻ، عبدالغني ۽ جميل شيخ کي ڏوھه ثابت ٿيڻ تي 14-14 سال قيد ۽ 10-10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. اها سزا سجاول ٿاڻي تي سال 2023ع ۾ داخل ڪيس نمبر 58/2023 جي فيصلي تحت ڏني وئي، جيڪو متاثر نابالغ ٻار جهانزيب قريشي جي والده زينت جي فرياد تي داخل ٿيو هو. عدالت، شاهدن جي بيانن، ثبوتن ۽ پوليس جي جاچ کي مدنظر رکندي فيصلو ٻڌايو.