سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ آئس جي نشي ۾ مبتلا نوجوانن جي والدين مطالبو ڪيو آهي ته آئس نشي جي عادت ۾ ورتل نوجوانن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ آئس جي وڪري تي فوري پابندي لڳائي وڃي. ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن سجاول جي رهواسي رجب ملاح پٽ خدابخش ۽ عورت عائشه ٻن پٽن ارشد ۽ وسيم خلاف صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته سجاول ۾ آئس جهڙو خطرناڪ نشو کلي عام وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب سندن پٽ نشي جا عادي ٿي چڪا آهن. والدين جو چوڻ هو ته نشي جي حالت ۾ سندن پٽ کين ۽ ٻين گهرڀاتين کي مارڪٽ ڪندا آهن خدشو آهي ته هو ڪنهن به وقت کين قتل ڪري سگهن ٿا. هنن ٻڌايو ته هو ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او سجاول کي لکت ۾ درخواستون ڏئي چڪا آهن، پر نه ته آئس جي وڪري کي روڪيو ويو آهي ۽ نه ئي نشي جي عادي نوجوانن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي وئي آهي. متاثر والدين چيو ته جيڪڏهن اسان يا اسان جي ڀرپاسي جي ڪنهن به ماڻهو کي نقصان پهتو ته ان جي مڪمل ذميواري پوليس تي هوندي. هنن مطالبو ڪيو ته آئس جو وڪرو فوراً بند ڪيو وڃي، نشي جي عادي سندن پٽن کي گرفتار ڪري سندن علاج ڪرايو وڃي.