سجاول ( رپورٽر ) سول اسپتال سجاول جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ڊاڪٽرز ايسوسي ايشن پاران سول سرجن ڊاڪٽر دليپ ڪمار خلاف احتجاج چوٿين ڏينهن به جاري رهيو، سول سرجن جي بدلي لاءِ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ڊاڪٽرز ايسوسي ايشن پاران او پي ڊي جي گيٽ اڳيان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪيو ويو آهي، احتجاجي ڪئمپ تي مختلف پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ايس ٽي پي اڳواڻ ممتاز لغاري، دادا سنڌي، گواز اڳواڻ ٽي اي او علي محمد گرماڻي، پ ٽ الف سجاول جي اڳواڻ عمر ميمڻ، آپڪا صحت کاتي سجاول جي صدر خميسو خواجا، شوڪت ميمڻ، رفيق ميمڻ، آبپاشي ملازم ايسوسي ايشن اڳواڻ مظفر لغاري، آپڪا روينيو سجاول جي اڳواڻن الطاف ملاح، آفتاب ڪناد، مجلس وحدت المسلمين جي اڳواڻ مختيار دايو ۽ ٻين شرڪت ڪري احتجاج ڪندڙ ملازمن سان يڪجهتي جو اظھار ڪيو. ان موقعي تي پيرا ميڊيڪل اسٽاف سول اسپتال جي اڳواڻن سعيد عمراڻي، فهيم ميمڻ، محبت لغاري، غلام حسين لغاري، عبدالستار ميمڻ، اقبال ميمڻ، رياض سرواڻ، فدا لغاري ۽ ٻين چيو ته هو چئن ڏينهن کان احتجاجي ڪئمپ تي ويٺا آهن پر سول سرجن ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نٿو ڏيکاري.