جاتي(ن پ ا) گرڊ اسٽيشن سجاول ۾ ٽرانسفارمر سڙڻ سبب جاتي سميت مختلف علائقن جي بجلي گذريل ٽن ڏينهن کان نه هجڻ سبب پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، بجلي نه هجڻ سبب شهرين کي پاڻي جي سپلاءِ به بند ٿيڻ ڪري شهري پيئڻ جو پاڻي پئسن تي خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جاتي جي شهرين وفا حسين شاهه،عبدالرزاق ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته گرڊ اسٽيشن کي باھه لڳڻ سبب جاتي سميت مختلف علائقن توڙي سوين ڳوٺن جي بجلي معطل هجڻ ڪري رهواسي سخت پريشان آهن، پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، شهري پيئڻ جو پاڻي پئسن تي خريد ڪري رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته جلد بجلي بحال ڪري شهرين کي پيئڻ جو پاڻي ۽ بجلي ڏني وڃي ۽ ڪرپٽ موبائل ڪمپنين جي انتظاميان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.