سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ اوٺا برادري جي ماڻهن پاران نوجوان جي گرفتاري خلاف روڊ بند ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، روڊ  کولرائڻ تي پاڪ نيوي ۽ احتجاج ڪندڙن ۾ چڪريون ٿيون، اوٺا برادري جي سردار ۽ پوليس موقعي تي پھچي معاملي کي ٽاري روڊ کولرائي ڇڏيو. سجاول- چوهڙ جمالي روڊ تي مرزا موري وٽ زمان اوٺو، افضل اوٺو ۽ عزيز اوٺو جي اڳواڻي ۾ اوٺا برادري جي ماڻهن پوليس پوسٽ مريد کوسو پاران نوجوان احمد اوٺو کي گرفتار ڪرڻ تي پوليس خلاف ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو، ان دوران سول ڪپڙا پهريل همراھ ڌرڻي ۾ پهچي پاڻ کي نيوي اهلڪار سڏرائي زبردستي روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اوٺا برادري جي هڪ همراھ کي زخمي ڪري وڌو جنهن تي اوٺا برادري جا ماڻهو انھن مٿان مڇرجي پيا کيس شديد مارڪٽ ڪري سخت زخمي ڪري وڌو، ڪجھه دير بعد نيوي جي چار گاڏين ۾ سوار پاڪ نيوي جا جوان ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويا ۽ سول ڪپڙن ۾ زخمي ٿيل همراھ جو نيوي اهلڪار هجڻ جي تصديق ڪئي ۽ اوٺا برادري جي ماڻهن سان نيوي اهلڪار کي مارڪٽ ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪيون جنهن دوران پاڪ نيوي جي اهلڪارن ۽ اوٺا برادري جي ماڻهن وچ ۾ جهڙپ ٿي وئي، جنهن بعد پاڪ نيوي اهلڪارن پاران اوٺا برادري جي چار ڄڻن کي زبردستي کنڀڻ جي ڪوشش تي اوٺا برادري جي ماڻهن مزاحمت ڪري پاڪ نيوي اھلڪارن کان پنهنجي ماڻهن کي ڇڏرائي ورتو. اهڙي صورتحال ۾ اوٺار برادري جو سردار قمر الزمان اوٺو، ڊي ايس پي سجاول منور علي جهتيال ۽ ايس ايڇ او چوهڙ جمالي شاهنواز اوٺو موقعي تي پهچي ويا جن پاڪ نيوي اهلڪارن ۽ اوٺا برادري جي ماڻهن سان ڳالهيون ڪيون ۽ اوٺا برادري کي گرفتار ٿيل نوجوان احمد اوٺو کي آزاد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو. مريد کوسو پوسٽ انچارج غلام مصطفي سولنگي ٻڌايو ته احمد اوٺو ڪچو شراب وڪڻدڙ آهي کيس گرفتار ڪري پوليس اسٽيشن جاتي جي پوليس حوالي ڪيو آهي جتي هن جي خلاف ڪچو شراب وڪرو ڪرڻ جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.