سجاول (رپورٽر) ٺٽو روڊ تي دمدمون لڳ تيز رفتار سوزوڪي پڪ اپ جو ٽائر ڦاٽڻ سبب سامهون ايندڙ ڊاٽسن سان زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ سوزوڪي ۾ سوار ڪولهي برادري جو 13 سالا نينگر نوريو ۽ 3 سالن جي نينگري ڪچري ۽ ڊاٽسن ۾ سوار حيدر ملاح نالي اڌروٽ همراھ فوت ٿي ويو،جڏهن ته حادثي جو شڪار ٻنهي گاڏين ۾ سوار 7 عورتون ۽ 4 ٻارڙن سميت 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا،جن مان هڪ فوتي حيدر ملاح ۽ ٻن زخمين کي مقامي ماڻهن سول اسپتال سجاول پهچايو، جڏهن ته 2 فوتي ٻارڙن ۽ 18 زخمين کي پاڪ نيوي جي جوانن جي مدد سان ٺٽو اسپتال پهچايو ويو،حادثي جي شڪار ڊاٽسن ۾ سوار ملاح برادري جا ماڻهو زيرو پوائنٽ کان مڇي کڻي ڪراچي وڃي رهيا هئا، جڏهن ته سوزوڪي ۾ سوار ڪولهي برادري جا ماڻهو عورتون ۽ ٻارڙن سميت سارين جي فصل جي لاڀاري جي مزدوري ڪري ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته سندن گاڏين سان افسوس ناڪ حادثو پيش آيو