سجاول (رپورٽر) سجاول ٽائون مان برطرف ٿيل ملازم انور جاکري پاران گڙدو ۽ اک کپائڻ جو اعلان خبر موجب ٽائون ڪميٽي سجاول مان نوڪري تان برطرف ڪري نيڪالي ڏنل ملازم انور جاکري گذريل ڏينھن سوشل ميڊيا تي پنھنجو ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو آھي ته مونکي بنا جواز ٽائون ڪميٽي جي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو آهي، جنھن کانپوءِ آئون بيروزگار بڻجي ويو آھيان، منھنجي گذر جو ٻيو ڪو وسيلو نه آھي، تنھن ڪري پنھنجي ٻچن خاطر پنهنجو گڙدو ۽ ھڪ اک وڪرو ڪرڻ چاهيان ٿو، خريدار جي ڳولا آهي، هن چيو ته گهر ۾ فاقه ڪشي واري صورتحال آهي، پنهنجا عضوا کپائي معصوم ٻارڙن لاءِ اٽو خريد ڪري سندن بکيو پيٽ پالڻ چاھيان ٿو، ھن چيو ته آئون اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت شاهه شيرازي، ايم اين اي اياز شاهه شيرازي، صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، ايم پي اي ريحانه لغاري ڏانھن نوڪريءَ مان ڪڍڻ جي دانھن کڻي ويو آھيان پر منھنجي ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھي، ھن جو چوڻ ھو ته مونکي نوڪري تي بحال ڪيو وڃي يا مون کان گڙدو خريد ڪيو وڃي، جيئن آئون پنھنجي خاندان جو پيٽ پالي سگھان.