سجاول(رپورٽر) سجاول پوليس ڪاروائي ڪري وڏي مقدار ۾ گٽڪا مٽيريل سان ڀريل ٽرڪ جھلي ٻه جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي وئي آھي. ان ڏس سجاول پوليس ترجمان موجب گذريل رات دير پوليس پارٽي سان گڏ ڪارروائي ڪري گٽڪو مٽيريل جي هڪ وڏي سپلاءِ کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. سجاول-ٺٽو روڊ تي برانچ موري جي ويجهو ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي سجاول پوليس برف سان ڀريل هڪ شڪي ٽرڪ کي روڪيو، جنهن جو نمبر JT2147 هو، ۽ ان کي قبضي ۾ وٺي مڪمل تلاشي ورتي وئي ته ٽرڪ مان 186 ٻوريون، 2232 ڪلوگرام گٽڪو گٽڪو مٽيريل ۽ تيار ٿيل گٽڪو جا 1960 پيڪٽ هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور سميت ۾ ٻن جوابدارن شير جان پٺاڻ ۽ جمع خان پٺاڻ کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب ٻنهي جوابدارن جو تعلق بلوچستان سان آهي ۽ انهن کي موقعي تي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن خلاف سجاول پوليس اسٽيشن ۾ گٽڪو ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.