سجاول (رپورٽ: رياض ميمڻ) سجاول ويجھو مبينا طور ڦر جي ڪوشش، فائرنگ ۾ نوجوان قتل، لاش رکي ڌرڻو، ان ڏس ۾ ٻيلو_دڙو روڊ تي شاھ نصر وٽ فائرنگ دوران دڙو واسي نوجوان امير ملاح قتل ٿي ويو، ابوبڪر جکرو زخمي ٿي پيو، زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف زخمي ابوبڪر جاکرو چيو ته آئون ڳوٺ اچي رهيو هئس ته منهنجي ڳوٺ جي اڳيان مين روڊ تي 3 ڦورو ڦر جي ارادي سان بيٺا هئا، جن مان 1 ڄڻو لٺ هٿ ۾ کڻي روڊ جي وچ تي بيٺو هو ۽ ٻه روڊ جي ڀرسان بيٺا هئا جن مون کي هڪلون ڪري روڪيو ۽ مون بيهندي ئي لٺ واري همراھ سان مزاحمت ڪئي ته ڀرسان بيٺل سندس ٻن هٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڇڏي ته گوليون لڳڻ سبب آئون ۽ سندن همراھ زخمي ٿي پياسين، جڏهن ته فائرنگ جو آواز ٻڌي ڳوٺاڻا موقعي تي پهچي ويا جنهن بعد ٻه نامعلوم هٿياربند سندن زخمي همراھ کي ڇڏي پاڻ فرار ٿي ويا. جيڪو بعد ۾ فوت ٿي ويو. ڦورو ڄاڻائي ماريل نوجوان امير ملاح جي وارثن پاران سجاول-ٺٽو روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ وارثن چيو ته اسان جي نوجوان کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آهي انصاف ڪيو وڃي۔ ڌرڻي واري هنڌ ڊي ايس پي سجاول ممتاز بگٽي پهتو جنهن وارثن کي شفاف جانچ ٿيڻ جو يقين ڏيارو جنهن بعد وارثن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو. امير ملاح وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جو نوجوان ڪنهن به ڏوھ ۾ ملوث نه هو، هو ڏوهن کان پري هو، ڀلي سمورن ٿاڻن تي سندس رڪارڊ چيڪ ڪيو وڃي هنن جو چوڻ آهي ته اسان جو نوجوان پڻ موٽر سائيڪل کڻي نڪتو هو جيڪا موٽر سائيڪل پڻ گم آهي، هنن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، جاکرا برادري جي ماڻهن اسان جي نوجوان کي ماري ڦر مزاحمت جو ڊرامون رچايو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جانچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سجاول قربان علي قنبراڻي ٻڌايو تہ مامري جي شفاف جانچ هلي رهي آهي جلد ئي حقيقتون سامهون اچي وينديون۔