سجاول (رپورٽر) سجاول لڳ روڊ حادثو، ھڪ ئي خاندان جا عورت سميت 3 ڄڻا فوت ۽ ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. سجاول چوهڙ جمالي روڊ تي فقير گولائي وٽ الٽو ڪار ۽ ٽرڪ وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار چوهڙ جمالي واسي ھڪ ئي خاندان جا ٽي ڄڻا ھڪ عورت فيروزہ پٺاڻ، عبدالرحيم پٺاڻ ۽ عبداللہ پٺاڻ فوت ٿي ويا ۽ نوراللہ پٺاڻ نالي ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. جڏھن تہ فوت ٿيلن جا لاش سول اسپتال سجاول مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آھن. ٻئي طرف فوتين جا لاش چوهڙ جمالي ۾ سندن گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ چوهڙ شهر جو ماحول سوڳ وارو ٿي ويو۔ واضح رھي تہ حادثو روڊ جي حالت خراب هئڻ ڪري پيش آيو. ياد رهي تہ گذريل ٻن سالن کان سجاول کان چوهڙ جمالي روڊ جو تعميراتي ڪم سست رفتاري سان هلڻ ڪري ٻن سالن ۾ صرف 25 ڪلو ميٽرن تي مشتمل روڊ مڪمل نہ ٿي سگهيو آهي ۽ روڊ جي صورتحال خراب هئڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن جن ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، تازو پيش آيل حادثي ۾ چوهڙ جمالي واسي 3 انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ضلعي جي عوام ۾ سخت ڏک ۽ ڪاوڙ واري لھر ڇانيل آهي.