ڪراچي (م ڊ) سنڌ مان گيس جا وڌيڪ ذخيرا دريافت ٿي ويا، سجاول ۾ گئس جا ذخيرا دريافت ٿيا آهن. پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ سجاول ۾ گيس ذخيرا دريافت ڪري ورتا، پي پي ايل طرفان سنڌ جي ضلعي سجاول ۾ جهم ايسٽ ون واري هنڌ شاهه بندر مان گيس جا ذخيرا مليا آهن، جهم ايسٽ ون واري هنڌ تي 2 هزار 545 ميٽر اونهائي کوٽائي ڪرڻ تي هائيڊرو ڪاربن جي نشاندهي ٿي. پي پي ايل موجب ٽيسٽنگ سان 13-69 ملين اسٽينڊرڊ ڪيوبڪ فٽ ۽ 236 بيرل روز جي ويل هيڊ فلوئنگ پريشر جي نشاندهي ٿي، کوهه جي وڌيڪ جاچ پڙتال جاري آهي، جنهن لاءِ ماهرن جي نگراني ۾ ڊرلنگ جو عمل جاري آهي. ترجمان ٻڌايو ته دريافت سان هائيڊرو ڪاربن جي ذخيرن ۾ واڌ ٿيندي، موجوده توانائي جي بحران ۾ آئل ايند گئس سيڪٽر جي فرق کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.