سجاول(رپورٽ: علي نواز ڀرڳڙي) سول اسپتال جي رينڊر سروس ملازمن جي پگهارن مان ڪلارڪ 30 هزار روپيه ڪٽوتي ڪرڻ لڳا، لکين رپيا جي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪانٽريڪٽ تي رکيل ملازمن جي پگهارن مان 30 30 هزار روپيه ڪٽوتي ڪئي وڃي، ملازمن دانهيدي چيو ته اسان غريب آهيون، اسان سان نا انصافي ٿي رهي آهي، رينڊر سروس ۾ ڀرتي ٿيل ملازمن ۾ ڪلارڪ جي گهر جا 6 ڀاتي پگهارون پڻ کڻي رهيا آهن، هڪ ئي ڪلارڪ جي گهر واري سالي پٽ ۽ ڀائيٽي سميت 6 ڄڻا ڀرتي ٿيل آهن، جيڪي پگهارون کڻي رهيا آهن، رينڊر سروس ۾ ڀرتي ٿيل ملازمن ۾ مختلف ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري پڻ ڀرتي ٿيل آهن، جيڪي پگهارون کڻن ٿا پهرين مرحلي ۾ 70 ملازم ڀرتي ڪيا ويا هئا جيڪي هيئر وڌائي ڪري هڪ سئو جي لڳ ڀڳ ملازم ڀرتي ڪيا ويا آهن، هڪ سئو مان ڪجهه ملازم ڊيوٽي ڪونه ٿا ڪن جيڪي ملازم ڊيوٽي ڪن ٿا انهن ملازمن جي پگهارن مان پڻ ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي هڪ سئو ملازمن مان ڪلارڪن جي ملي ڀڳت سان ڪجه ملازمن کي ڪجه مهينه اڳ ڪڍيو ويو هئو انهن جي جڳه تي سندن ئي فيملي جا ڀاتي ڀرتي ڪري پگهارون ڪڍايون وڄن ٿيون جڏهن ته ڊيوٽي صرف 20 کان 25 ڄڻا ڪن ٿا باقي ڪلارڪ ۽ ملازم ملي ڀڳت سان پگهارون ڪڍائي کائي رهيا آهن. رينڊر سروس جي ملازمن جي جاري ٿيل پگهار بابت ڪلارڪ فاضل سومرو کان لسٽ گهري ته ڪلارڪ فاضل سومرو لسٽ ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته منهنجي لاءِ مسئلا ٿيندا جڏهن ايم ايس ڀارو مل سان ملازمن جي لسٽ گهري وئي ته ان چيو آئون گهر آهيان لسٽ آفيس ۾ هوندي چوڪيداري ۾ ڏوهاري قسم جا ماڻهون پڻ ڀرتي ٿيل آهن.