سڪرنڊ(ن پ ا) سجاول جي سنيجا جي مذهب مٽائڻ واري  ڪيس ۾ سڪرنڊ واسي زرعي عملدار گرفتار ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ مير خان لغاري ۾ ايگريڪلچر آفيسر حافظ غلام محمد لغاري کي پوليس پاران گرفتار ڪيو. پوليس جي وڏي انگ ۾ اٽالن پاران رات جي وقت سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ مير خان لغاري ۾ پهچي اوطاق تي موجود ايگريڪلچر آفيسر حافظ غلام محمد لغاري کي گرفتار ڪيو. سندس ڀاءَ حمزو خان لغاري ٻڌايو ته رات دير سان سجاول ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس 7 موبائلن ۽ ٽن پرائيويٽ گاڏين سان گڏ ڳوٺ مير خان لغاري ۾ اوطاق تي ويٺل منهنجي ڀاءَ حافظ غلام محمد لغاري کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي. اسان کي ڪجهه نه ٻڌايو ويو جنهن بعد اسان کي خبر پئي ته پوليس سجاول جي آهي اسان هينئر سجاول ٿاڻي تي پهتا آهيون، جتي اسان کي پوليس پاران ٻڌايو ويو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سجاول جي هندو نياڻي سنيحا مذهب مٽائي شبير لغاري نالي نوجوان سان شادي ڪئي آهي. نوجوان جي والد سردار لغاري پاران فون تي رابطو ڪرڻ جي شڪ ۾ حافظ غلام محمد لغاري کي موبائل ٽريسنگ ذريعي گرفتار ڪيو آهي.