ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ 5 ڏينهن اندر سجاول جو ايس ايس پي تبديل ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل امداد علي شاهه کي نئون ايس ايس پي سجاول مقرر ڪيو ويو. واضح رهي ته سجاول ۾ 5 ڏينهن اڳ مقرر ڪيل ايس ايس پي سجاول توقير نعيم جو آرڊر ڪينسل ڪيو ويو، آءِ جي 5 ڏينهن اڳ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ تان ايس ايس پي الطاف حسين کي هٽايو هو