سجاول جوڻيجو (رپورٽ: عبدالنبي ڀٽي ) سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار مبينا ڪارنھن الزام ۾ ناري ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف، ڦلڙي پوليس چوڪي ڀرسان رات دير سان مڙس سمندر تنيو پنھنجي 25 ورهين جي گھر واري سرداران ڌيءُ علي حسن ماڇي ۽ 19 ورهين جي نوجوان فيض محمد عرف فيضل پٽ غلام محمد عمراڻي کي سھري جي گهر ۾ ڇريون هڻي قتل ڪري ڇڏيو،اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، پوليس موجب سمندر پٽ غلام شبير تنيو پنهنجي سھري جي گهر ۾ پنهنجي زال سرداران کي ڪارنھن الزام ۾ ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري نوجوان فيضل عمراڻي کي ڇريون ھڻي فتل ڪيو آهي، ڪارروائي ڪري جوابدار سمندر تنيو ۽ سندس سھري علي حسن ماڇي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، واردات ۾ استعمال ٿيل ڇري به هٿ ڪئي وئي آهي
ڊاڪٽرياڻي غيرحاضر: ناري جو لاش 8 ڪلاڪ اسپتال ۾ پيل رهيو
سجاول جوڻيجو: ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ سبب ناري جو لاش 8 ڪلاڪن تائين قمبر جي اسپتال ۾ پيل رهيو، نوجوان جو لاش به ميروخان اسپتال ۾ ڪيترائي ڪلاڪ پيل رهيو، دير سان مقتولا ناري جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو
ڪاوڙ ۾ اچي نوجوان ۽ پنهنجي زال کي قتل ڪيو: جوابدار سمندر
سجاول جوڻيجو: گرفتار جوابدار سمندر تنيو پوليس کي بيان ڏيندي ٻڌايو ته پنهنجي گهرواري کي جوابدار سان اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏسي ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي زال ۽ نوجوان کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
قتل ٿيل نوجوان ڳڙهي خيرو جو رهواسي، ناري پيءُ جي گهر ۾ ترسيل هئي
سجاول جوڻيجو: ٻڌايو پيو وڃي ته ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ٿيل نوجوان فيضل عمراڻي ڳڙھي خيرو جو رھواسي آهي، جڏهن ته قتل ڪندڙ جوابدار سمندر تنيو ميروخان جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، ٻيو جوابدار علي حسن ماڇي ۽ قتل ٿيل ناري ڦلڙي جا رهواسي آهن، ناري پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ رهيل هئي ته کيس مڙس سهري جي گهر ۾ داخل ٿي ناري ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو، ايس ايس پي قمبرشهدادڪوٽ کان رپورٽ طلب طلب
لاڙڪاڻو: سجاول ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، هٿياربندن ٻن ڄڻن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو اهڙي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ محمد ڪليم ملڪ سان رابطو ڪري واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب چيو آهي ته قتل ٿي ويل فيضل عمراڻي ۽ ناري سرداران خاتون جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪري وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.
ٻٽي قتل جو سرڪاري فرياد تي 4 ڄڻن خلاف ڪيس داخل
سجاول جوڻيجو: سجاول جوڻيجو ۾ ٻٽي قتل جو سرڪاري فرياد تي جوابدار سمندر تنيو، علي حسن ماڇي ۽ ٻه اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس ڪارروائي ڪري ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي