سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو سٽي ۾ نامعلوم چور شاھي بازار مان رحيم الله پٺاڻ جي ڪپڙي جي دڪان جي دري ٽوڙي ھزارين رپين جو ڪپڙو، موبائل فون چوري ڪري ويا، اختر گاڏھي جي ڪرياني جي دڪان مان سولر پليٽ چوري ٿي وئي، پرين مستوئي جي گهر مان سولر پليٽ چوري ٿي وئي، ٻي پاسي اعجاز جوڻيجو جي گهر مان بيٽري جوابدار کڻي ويا، عرضي ڀٽو مان نامعلوم چاٻي چور عامر ميمڻ جي گهر مان موٽرسائيڪل چورائي ويا.