سجاول جوڻيجو(ن پ ا) سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ۾ ٽرڪ مان ڊرائيور عبدالحنان پٽ عبدالواحد پٺاڻ جو لاش هٿ  ڪيو ويو هو، وارث نوجوان جي قتل جو الزام هڻي ڇڏيو آهي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، ٻي طرف ٽرانسپورٽرن طرفان احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻ عجب خان ساسولي جو چوڻ هو ته ٽرڪ کي سامهون ھڪ گولي لڳل آهي، ڊرائيور کي ڦورن قتل ڪيو آهي، ھن وڌيڪ چيو ته پوليس واقعي جو ڪيس به داخل ناهي ڪيو، ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هوڏانهن  لاش وصول ڪندڙ سندس مقتول جي ڀاءُ عبدا الله پٺاڻ ۽ بھادر خان جو چوڻ هو ته اسان کي ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، پوليس خون لوڙهڻ چاهي ٿي،  واقعو حادثو ناهي پر قتل آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو  وڃي. ٻي طرف ايس ايچ او سجاول جوڻيجو اختر حسين کوسو  جو چوڻ هو ته وارث ڊرائيور جو پوسٽ مارٽم نه ڪرايو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.