سجاول جوڻيجو ۾ فائرنگ: پوليس اهلڪار چاچي سميت قتل: منهن ڏسندي صدمي ۾ پيرسن به فوت

0
22
سجاول جوڻيجو ۾ فائرنگ: پوليس اهلڪار چاچي سميت قتل: منهن ڏسندي صدمي ۾ پيرسن به فوت
سجاول جوڻيجو ۾ فائرنگ: پوليس اهلڪار چاچي سميت قتل: منهن ڏسندي صدمي ۾ پيرسن به فوت

سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڪوٽ لعل بخش مھيسر ۾ ھٿياربندن حملو ڪري پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، علائقي واسين طرفان زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر ۾ پوليس اھلڪار امتياز علي مھيسر ۽ سندس چاچي پيرسن خادم حسين مھيسر  دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ٽن زخمن جو علاج ڪيو پيو وڃي، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، سوڳ ۾ شهر بند ٿي ويو، اهلڪار جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي صحافين سميت سوين ماڻهن، ايس پي قمبر ساجد امير سندوزئي ۽ پوليس آفيسرن سرڪاري اعزاز سان سلامي پيش ڪري بعد ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.جڏهن ته جنازي نماز بعد مقتولن جو منهن ڏسندي سندن سئوٽ پيرسن رضا محمد مھيسر  به صدمي ۾ دم ڏئي ڇڏيو،  ٻي طرف  ايس پي قمبر ساجد امير سندوزئي چيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سرڪار پاران ڪيس داخل ڪري ٽن ڊي ايس پيز تي مشتمل ٽيم جوڙي آهي، جوان جو پلاند وٺي سک جو ساھه کڻنداسين. هن اعلان ڪيو ته  سرڪار طرفان 2 نوڪريون ۽ بيواھ کي 60 سال تائين پگهارون جاري ڪيون وينديون، شھيد پوليس اھلڪار جي پيءُ امداد حسين مھيسر چيو ته جوابدارن منهنجي پٽ ۽ ڀاءُ کي بي گناهه شھيد ڪري ظلم ڪيو آهي، مونکي فخر آهي الله پاڪ جي طرفان منهنجي پٽ کي  شھادت نصيب ٿي.