سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو لڳ حيدر ڏيٿو ۾ پورھيت تاج محمد تنيو جون 2 نياڻيون ڳلي جي ڪينسر سبب بيماري جي بستري تي پيل هيون، 8 ورهين جي سلمه تنيو جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب وارث کيس لاڙڪاڻي جي اسپتال کڻاڻي پھتا، جتان کيس ڪراچي ريفر ڪيو ويو، نينگري رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو، نينگري سلمه تنيو  جي فوتگي بعد سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا، فوت ٿيل نينگري جي پيءُ تاج محمد ٻڌايو ته ڊاڪٽر چيو ته بيمار نياڻي کي ڪراچي کڻي وڃو، پئسا نه هجڻ ڪري نياڻي لاڙڪاڻي ۾ ئي فوت ٿي وئي.ٻي نياڻي بيماري وگهي بستري تي پيل آهي. ياد رهي ته پورھيت جون 2 نينگريون گذريل ڪيترن مھينن کان بيماري جي بستري تي پيل هيون، جنهن مان سندس هڪ نينگري فوت ٿي وئي، آهي، علاج جي اپيلن باوجود چونڊيل نمائندن پورهيت جي واهر نه ڪئي.