سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو تعلقي جي ڳوٺ ڪوٽ لعل بخش مھيسر هائير سيڪنڊري اسڪول جا شاگرد فرنيچر جي کوٽ سبب پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آهن، ھيڊ ماستر سميت شاگردن چيو ته ڪيترائي ڀيرا شڪايتن باوجود ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، اسڪولي عمارت زبون حال بڻجي وئي آهي.