سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ساريالي فصل تي جيتن جي حملي سبب پن ويڙهو، اڇو پوپٽ ۽ ڪيڙو لڳڻ سبب ساريون سڪي ڳرڻ لڳيون، ساريالي فصل کي جيتـن جي حملي سبب ڪيتريون ئي زرعي دوائون استعمال ڪرڻ سبب مرض نه گھٽيو، ھوڏانھن ھارين ۽ آبادگارن جو چوڻ آهي ته نقلي ڊي اي پي ڀاڻ ۽ اڻ رجسٽرڊ زرعي دوائن جي ڪري ساريالي فصل تي جيتن جو حملو ٿئي ٿو، سجاول جوڻيجو ۾ اڻ رجسٽرڊ زرعي دڪاندار ھارين آبادگارن کي روزگار جو ذريعو بڻائي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ لڳا، آبادگارن اڪبر ڀٽي، اڪبر ڪولاچي، مختيار ڀٽي، علي شير، علي حيدر جتوئي، ڀورل مستوئي ۽ ٻين چيو ته ٻج ڀاڻ مھانگي اگھه تي وٺي ٻار ٻچا نٽهڻ اس ۾ رونبو ڪرائي سارين جو فصل تيار ڪرايو آهي، ھن مھل ساريون خساري ۾ ھلن ٿيون، مٿان جيتن جو حملو ٿي رھيو آهي، اسان جي ايگريڪلچر جي ڊائريڪٽر، ڊي سي قمبر کي اپيل آهي ته اڻ رجسٽرڊ زرعي دڪاندارن ۽ نقلي زرعي دوائون، ڀاڻ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ساريالي فصل کي وڌيڪ تباهي کان بچايو وڃي.